عمرڪوٽ جي سماجي شخصيت:موهن لال کتري

ٿانورداس کتري

هن دنيا ۾ ماڻهن جي اچڻ جو ڪو مقصد ضرور هوندو آهي. پوءِ اهو ديني هجي دنياوي.ڪي ماڻهو سماجي ڪمن ۾ تمام گهڻو اڳتي هوندا آهن، اهڙن ماڻهن مان موهن لال کتري به هڪ آهي جيڪو واپاري هوندي به سماجي ڪمن ۾ پڻ مشغول آهي.

هن جو تعلق عمرڪوٽ شهر جي غريب گھراڻي سان آهي. سندس جنم عمرڪوٽ  ۾17 مارچ 1963ع تي ٿيو.

شروعاتي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان ورتائين. سورهن سالن جي عمر ۾ پيءُ جي وفات کان پوءِ گهر جي ذميواري جو وزن سندس ڪمزور ڪلهن تي پيو.

گهر جي آمدني بند ٿيڻ جي ڪري هن ستين درجي ۾ پنهنجي پڙهائي ڇڏي هڪ هوٽل تي بيري جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

سخت مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي ننڍي ڀائرن کي اسڪول  ۾ داخل ڪرائي انهن جي تعليم کي جاري رکيو ته جيئن هو زندگي جي ڪنهن موڙ تي ڪنهن جي محتاجي جو شڪار نه بڻجن.

ڪجهه سال ٻين جي هوٽلن تي بيري جو ڪم ڪرڻ کانپوءِ هن گڏ ڪيل آمدني ۽ ڪجهه دوستن جي مدد سان ٺيڪي تي هڪ هوٽل ورتي. کيس گهڻي تعليم نه هجڻ باوجود هو هوٽل هلائڻ سان گڏ روڊن جو ٺيڪيدار پڻ رهيو.

  ٺيڪيداري جي ڪم دوران هن کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.

قرض وڌڻ لڳا جنهن ڪري هوٽل جو ٺيڪو ڇڏي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر گهڻو قرض هئڻ ڪري پئسن جي کوٽ ٿي.

جنهن ڪري قرضدارن هن جي خلاف ڪيس داخل ڪرايا انهي لاءِ هن ڪجهه عرصو سينٽرل جيل نوابشاهه ۾ قيد ڪاٽي.

ضمانت ملڻ کانپوءِ موهن لال واپس عمر ڪوٽ آيو ۽ سڀ کان پهريائين هن پنهنجو ساڳيو ئي هوٽل ٺيڪي تي وٺي ڪم شروع ڪيو. هڪ سال جي ڪڙي محنت کان پوءِ هي هوٽل جو مالڪ بنيو.

هي سماجي ڪمن ۾ پڻ پوئتي نه رهيو، 2010 واري مشڪل ترين ٻوڏ ۾مختلف علائقن مان لڏي آيل ماڻهن جي تمام گھڻي مدد ڪئي.

ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي کان علاوه ٻيون ضرورتون پوريون ڪيون. انهن سڀني ڪمن ۾ پاڻ سڀني کان اڳيان رهيو. ان کان علاوه غريب نياڻين جي اجتماعي شادين ۾ پڻ وڏو حصو ڏنو.

هن پنهنجي هوٽل کي نه صرف عمرڪوٽ پر پوري ميرپورخاص ڊويزن جي بهترين هوٽلن مان هڪ ٺاهيو آهي.

هن جي هوٽل کي ڏسي هينئر ڪير به نٿو چئي سگھي ته هي هوٽل اهڙي شخص جي آهي جنهن پنهنجي زندگي ۾ مشڪلاتن جا جبل ڏٺا.

چوندا آهن ته” ڏکن پٺيان سک“ جڏهن ڏکيا ڏينهن اچن ته اسان کي صبر اختيار ڪرڻ گهرجي.*