سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ:سنڌالاجي شعبو

علي

سنڌ يونيورسٽي 1962ع ۾ سنڌ اڪيڊمي نالي هڪ شعبو کوليو. هن شعبي کولڻ جو مقصد سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي ادب کي ظاهر ڪرڻ هو‏، ان کانپوءِ 1964ع ۾ هن جو نالو تبديل ڪري سنڌالاجي رکيو ويو.

سنڌالاجي ۾ سنڌي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، انهن جي لباس، انهن جي پيشي ۽ ريتن رسمن کي خوبصورت انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

سنڌالاجي ۾ سنڌ جي حڪمرانن جون تصويرون، انهن جو لباس، انهن جا بيڊ روم، ان وقت جا هٿيار جنهن ۾ تلوار، ڍال، چاقو وغيره شامل آهن پڻ رکيل آهن، ان کان سواءِ سنڌ جي مشهور راڳين جا پتلا، انهن جي استعمال ۾ رهندڙ شيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جا ڪارنر ٺهيل آهن جن ۾ انهن کي مليل انعام ۽ انهن جي استعمال ۾ رهندڙ شيون پڻ موجود آهن.

سنڌالاجي ۾ ڪيترائي قرآني نسخا رکيل آهن جيڪي تمام قديمي نسخا آهن. هن شعبي ۾ هڪ تمام وڏي ۽ عاليشان لائبرري آهي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور اديبن ۽ سموري ٻولين تي مشتمل لکين ڪتاب موجود آهن، انهن ڪتابن کي پڙهڻ سان ماڻهن ۾ پنهنجي ثقافت، اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻ ملي ٿي. هر ٻولي تي مشتمل 90،000 کان وڌيڪ ڪتابن جا مقالا موجود آهن.

سنڌالاجي شعبي ۾ رکيل شين کي ڏسڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اچن ٿا، خاص ڪري مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد مطالعاتي دوري تي سنڌالاجي جو رخ ڪن ٿا ۽ هتان سنڌ بابت تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.