جنهن وقت جو قدر ڪيو انهن پنهنجي زندگي سنواري ڇڏي:مختاراحمد ڪانڌڙو

رياض ڪانڌڙو

سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي بزرگ، مدبر، ليکڪ پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي نالو ڪمايو آهي. مختيار احمد ڪانڌڙو انهن منجهان هڪ آهي.

مختيار احمد ڪانڌڙو سن 1975ع ۾ شڪارپور ضلعي ۾ نواب علي ڪانڌڙو جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول نمبر 1 شڪارپور مان، انٽر سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان پري ميڊيڪل ۾ ۽ بي اي شاهه عبداللطيف ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيو.

سن 2000ع ۾ ايم اي عربڪ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين، جنهن ۾ هن ڊپارٽمينٽ ۽ فئڪلٽي ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي.

 ڊپارٽمينٽ ۽ فئڪلٽي ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪرڻ تي کيس گولڊ ميڊل ۽ سلور ميڊل ڏنا ويا. ان کان پوءِ 2004ع ۾ ايم اي تفسير ۽ حديث ۾ اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي.

2006ع ۾ سندن اسلامڪ ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر طور سليڪشن ٿي. هن وقت پاڻ اسلامڪ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار جي عهدي تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ 2012ع ۾ يو- ڪي مان پي ايڇ ڊي ڪئي.

مختيار احمد ڪانڌڙي عربي گرامر تي لسان القرآن ۽ ڪتاب تجويد القرآن ڪتاب لکيا آهن، جيئن اسلامڪ ڪلچر جا شاگرد ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

سندن هڪ ذاتي سٺي لائبريري آهي، جيڪا شاگردن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 500 ڪتاب پيل آهن ته جيئن شاگرد ان لائبريري مان فائدو حاصل ڪري سگهن.*