نئين طرز سان ڳائيندڙ صوفي راگي:ممتاز لاشاري

عاصم چنا

چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا آهي. واقعي ئي پاڪيزه موسيقي روح کي راحت ڏيندي آهي. اها انساني ڪيفيت هوندي آهي ته هو ڪڏهن خوشين جي سمنڊ ۾ تڙڳندو آهي ته ڪڏهن وري غمن جي درياهه ۾ غوطا کائيندو آهي. جڏهن اندر جي اُڌمن کي اجهائڻ خاطر موسيقيءَ طرف لاڙو رکبو آهي ته موسيقي مڙيوئي من جون مونجهون لاهي تن کي تسڪين بخشيو ڇڏي.

قديمي دور جي موسيقي، ڪـلاسيڪل فنڪارن جي آواز ۾ اڄ به ڪلهه وانگر نئين نڪور روحاني راحت ميسر ڪري ٿي.

اڳوڻا خان صاحب فنڪار استاد محمد جمن، ماسٽر چندر، استاد محمد ابراهيم، استاد منظور علي خان، محمد يوسف ۽ ٻيا اهڙا موسيقي جا ماهر ڪلاڪار هئا جو انهن سريلن فنڪارن جو روح پرور راڳ ٻڌي اندر جو انسان ٺريو وڃي. سريلا ٻول سدائين ماڻهن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻيو ڇڏين.

انهن منجهان ئي صوفي ڪلاڪار ممتاز لاشاري به حقيقي راڳ، ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي، راڳ جي ڄاڻ وارن ۽ ٻين ٻڌندڙ نوجوانن جون دليون ريجهائي رهيو آهي. ممتاز لاشاري 5 جنوري 1964ع ۾ ڳاڏي خواڻ ۾ سنوار خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو.

سنوار خان لاشاري ڳاڏي خواڻ ۾ اڄ به هڪ بهترين حڪيم ڄاڻيا وڃي ٿو. ممتاز لاشاري جڏهن 3 ورهين جو ٿيو ته پنهنجي پرائمري تعليم ڳاڏي خواڻ مان ئي ورتي. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ بعد وارهه شهر مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين.

ممتاز لاشاري جو آواز ننڍ پڻ کان ئي سريلو هو جنهن سبب استاد هن کان نعتون چورائيندا هئا. هن جو ننڍپڻ کان دين ڏانهن لاڙو هو ۽ پاڻ ننڍپڻ کان ئي نماز جو پابند آهي.

ممتاز لاشاري جو دين ڏانهن لاڙو ڏسندي سندس پيءُ کيس اسلامي تعليم وٺرائڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي جيلاني مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس لاڙو راڳ ڏانهن ٿي ويو.

 1976ع ۾ راڳ جي شوق ۾ حيدرآباد جو رُخ ڪيائين، جتي استاد محمد جمن، استاد اسد علي خان، استاد نزاڪت علي خان، استاد سلامت علي خان کان ڪلاسيڪل راڳ سکيو.

هن اڄ ڏينهن تائين هزارين صوفي ڪلام ڳايا آهن ۽ تقريباً 105 البم پڻ آهن. هن پنهنجي گهر ۾ هڪ لائبريري پڻ ٺاهي آهي، جنهن اندر سوين ڪتاب پيل آهن، انهن منجهان شاعري ڪڍي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڪلام چوندو آهي.

ممتاز لاشاري پنهنجي ڪلام ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، بابا غلام فريد، سچل سرمست، راشد مورائي، عبدالخالق، عبدالرحيم عزمي، ارشاد چانڊيو، دادن فقير، استاد بخاري، استاد چندر ۽ ٻين ناميارن شاعرن جي شاعري ڳائي سنڌ واسين جون دليون موهي ڇڏيون آهن.

ممتاز لاشاري پنهنجو هر هڪ ڪلام انسان ذات تي ڳايو آهي. هو پنهنجي راڳ ذريعي معاشري ۾ تبديلي ڦهلائي رهيو آهي، جتي انسان انسان جو دشمن بڻجي ويو آهي، اتي ممتاز لاشاري موسيقي ذريعي سهڻي سليقي، پيار ۽ محبت سان روڪيندي چوي ٿو ته

ادا ماڻهو نه مار

ڪجهه لڇڻ ته ڌار

رب ڏاڍو ٿئي

اهڙي طرح سنڌ اندر قبيلائي جهيڙا زور وٺي ويا آهن، اتي ممتاز لاشاري خوبصورت انداز ۾ انهن کي پيغام ڏيندي چو ٿو ته

ادا سائين ڇڏ تون قبيلائي جهيڙا

ٻين جي چوڻ تي اجاڙيا ٿي ويڙها

ممتاز لاشاري پوري دنيا ۾ راڳ ڳايو آهي ۽ پنهنجي موسيقي ذريعي ماڻهن جون دليون وندرائي رهيو آهي.

ممتاز لاشاري پنهنجي ماءُ جي پيرن جي پاڻي کي پنهنجو علاج ۽ پنهنجي پيءُ کي پنهنجو مرشد چوندي اڄ جي نوجوان نسل کي پيغام ڏيندي بخاري جي هڪ سٽ چوي ٿو

پڪن گهڙن کي ڪنا نه پوندا

ببر ڪڏهن بي ڇٻر نه چٻندا

ضمير وڪڻي رقم ڪمايا

اهو سبق مان سکي نه سگهندس.*