انسانيت جي خدمت ڪندر:عبدالصمد خاصخيلي

رضامحمدلغاري

مهانگائي جي هن دؤر ۾ غريب ماڻهو ٽن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، ۽ وري بيماريون به غريب ماڻهو کي گهڻيون لڳنديون آهن ۽ ان جي علاج لاءِ غريب ماڻهو سرڪاري اسپتالن جو رخ ٿو ڪري پر سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر علاج نه هئڻ ڪري مجبورن خانگي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻو پوي ٿو، خانگي ڊاڪٽرن جون فيون تمام ڳريون آهن ۽ مٿان وري مهانگيون دوائون غريب ماڻهو کي پيڙهيو ڇڏين ان کانسواءِ ايڪسيڊنٽ وغيره ۾ هڏن جي فريڪچر ٿيڻ جي صورت ۾ ته تمام ڊگهو علاج هلندو آهي ۽ ڊاڪٽر غريب ماڻهو جو رت چوسي ڇڏيندا آهن پر هتي آئون هڪ اهڙي ماڻهو جي ڳالهه ڪندس جيڪو انسان جي روپ ۾ فرشتو آهي، اهو ميرپورخاص شهر جو عبدالصمد خاصخيلي آهي، اهو ڀڳل هڏن جو علاج بغير پئسي جي ڪندو آهي.

عبدالصمد 2 فيبروري 1972ع ۾ ڳوٺ عبدالجبار خاصخيلي ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ ميرپور خاص مان ٻارهين جو امتحان پاس ڪيائين. 

هن شخص پنهنجي ڳوٺ ۾ مسافر خانا پڻ ٺهرايا آهن، جتي پري کان ايندڙ مريضن ۽ مسافرن کي رهائش سان گڏ کاڌي پيتي جي سهولت به مليل آهي.

هن ڪم جي شروعات عبدالصمد جي ڏاڏي ڪئي هئي جيڪو پاڻ هڪ ملهه پهلوان هو. ملاکڙي دوران جيڪڏهن ڪنهن جي هڏي ڀڄي پوندي هئي ته سندن جلد علاج ڪري ساڳي حالت ۾ آڻيندو هو.

ان کانپوءِ انهيءَ ڪم ۾ نواڻ آڻي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو مفت علاج ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کي هن جو والد ۽ هاڻ عبدالصمد جاري رکندو پيو اچي.

عبدالصمد خاصخيلي سادو ۽ خوش طبيعت آهي. هر ننڍي وڏي سان پيار ۽ شفقت سان پيش ايندو آهي. هن افراتفري واري زماني ۾ هي شخص علائقي ۾ ڪنهن غريب جي مشڪل وقت ۾ هجڻ تي پنهنجي دوستن، عزيزن ۽ پاڙي وارن کان چندو ڪرائي ان شخص جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿو. عبدالصمد هڪ سماجي شخصيت سان گڏ استاد پڻ آهي. اسڪول ۾ تعليم سان گڏوگڏ  شاگردن کي بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي تاڪيد پڻ ڪندو آهي.

عبدالصمد 30 سالن کان پنهنجي هن فلاحي ڪم ۾ مشغول آهي، جنهن ڪري هي نه صرف پنهنجي ضلعي پر سنڌ ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو.

سنڌي ٽوپي پائيندڙ سانوري رنگ جو مالڪ هي شخص هن وقت هٿ پير جوڙڻ جي ڪم ۾ نئين جدت آڻي رهيو آهي ته جيئن ماڻهن جو اڃا به بهتر نموني علاج ڪري سگهي.

پنهنجي گهر جو وڏو هئڻ ڪري سڄي گهر جو بار هن جي ڪُلهن تي هوندو آهي، واندي وقت ۾ ڪتاب پڙهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. سندن چوڻ آهي ته مون کي ڪنهن تي ڪاوڙ نه ايندي آهي، بس هميشه خوش رهڻ ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ ئي خوشي محسوس ڪندو آهيان. اسان کي به پنهنجي معاشري ۾ عبدالصمد وانگر غريبن جي خدمت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي سماج جا مسئلا گهٽائي سگهجن.