مشهور صوفي بزرگ:شاه گوديڙو

رياض ڪانڌڙو

ميلا ته سڄي سنڌ ۾ ٿيندا آهن پر صوفي بزرگ شاه گوديڙو جو ميلو اهڙو آهي، جنهن مان ڪڏهن به ڪا شيءِ چوري نه ٿيندي آهي.

مشهور صوفي بزرگ شاهه گوديڙو جنهن جو آستانو ميهڙ تعلقي جي تاريخي شهر فريدآباد کان 18 ڪلوميٽر اولهه طرف واقع آهي. هن صوفي بزرگ جا هزارين مريد آهن جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهن ٿا.

مُريد مزار تي باسون باسيندا آهن ۽ پوري ٿيڻ تي خيراتون ڪندا آهن. پري کان آيل ماڻهن جي رهڻ لاءِ درگاهه ۾ نهايت ئي چڱا انتظام ٿيل آهن، جنهن ۾ وڏا وڏا ڪمرا، پاڻي جو کوهه ۽ کاڌي جون شيون ملن ٿيون.

صوفي بزرگ جي ڀرسان لڪي جبل آهي جنهن تي چڙهي مريد مرادون گهرندا آهن. صوفي بزرگ جا فقير سڄو ڏينهن ماڻهن جي خدمت ڪندا آهن.

انهن پنهنجي سڄي زندگي صوفي بزرگ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، ماڻهن جو چوڻ آهي ته هتي اسان جي هر مُراد پوري ٿيندي آهي.

هر رات درگاهه تي صوفياڻي محفل ٿيندي آهي، جتي مختلف علائقن مان آيل صوفي گڏ ٿيندا آهن، ۽ شاهه گوديڙي جو ڪلام پنهنجي آواز ۾ پيش ڪري ويٺل فقيرن تي وحد تاري ڪري ڇڏيندا آهن.

 ويجهو ئي هڪ ڳوٺ پڻ آهي جتان جا ماڻهون مسافرن جي خدمت ڪرڻ سان گڏ انهن جي رهڻ جو انتظام پڻ ڪندا آهن.

هن صوفي بزرگ جي مزار تي هر سال هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهون شرڪت ڪندا آهن.

ميلي ۾ ملهه، ڪوڏي ڪوڏي ۽ والي بال جا مقابلا ڪرايا ويندا آهن، گهوڙن ۽ ڏاندن جون ڊوڙون ٿينديون آهن. جيڪي جانور ڊوڙ کٽيندا آهن انهن کي پڳ پارائي ويندي آهي.

هن ميلي جي هڪ خاص ڳالهه آهي، پهرين ته هتان ڪا شيءِ چوري نه ٿيندي آهي، جيڪڏهن غلطي ۾ به ڪو چوري ڪري ٿو ته اهو ماڻهو پنهنجي گهر جو رستو ڀلجي ٿو يا ته ڪنهن جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهو ميلو ٻين ميلن کان ان ڪري به مختلف آهي جو هتي نوان شادي شده جوڙا ايندا آهن ۽ پنهنجي زندگي جي نئين شروعات لاءِ دعا گهرندا آهن.