ڪامياب براڊڪاسٽر:علي اڪبر هنڱرجو

عبدالله هنڱرجو

زندگي مسلسل جدوجهد ۽ اڻ ٿڪ جستجو جو ٻيو نالو آهي. انسان جيڪڏهن محنت ڪري ۽ پنهنجي ڪم سان سچو هجي ته الله تعاليٰ اُن کي ڪاميابين جي بُلندين تي پهچائيندو آهي.

سنڌ ۾ اهڙا گهڻائي نالا آهن جيڪي پنهنجي محنت ۽ سچائي سان وڏي مقام تي پهتا آهن. اسان اڄ اهڙي ئي هڪ شخصيت جو ذڪر ڪنداسين جيڪا ڀرپور محنت سان پنهنجي منزل تي پهتي آهي.

اها شخصيت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سينيئر پروڊيوسر علي اڪبر هنڱورجو آهي. سندس جنم اڇڙي ٿر جي ريگستاني ڀٽن جي ڪنڌي تي آباد کپرو شهر کان تقريبن 6 ڪلوميٽر اتر طرف واقع ڳوٺ حاجي وليداد هنڱورجو ۾ پهرين جنوري 1976ع تي ٿيو.

علي اڪبر ننڍي هوندي کان ئي هوشيار ۽ محنتي هو، کيس لکڻ ۽ پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپيون آهن.

جنهن علائقي سان تعلق اٿس اتي اڳ ۾ تعليم نه هئڻ جي برابر هئي، پرائمري جي تعليم کان اڳتي تمام گهٽ شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا. اڃا به اتان جو ساڳيو ئي حال آهي. علي اڪبر پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي.

ان کانپوءِ کپري شهر جي هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي پاڻ ڳوٺ کان کپري تائين پيادل ايندو هو، ڇو ته ان دؤر ۾ روڊ رستا نه هئا ۽ گاڏين جو تعداد به تمام گهٽ هو، پر ڏک ۽ تڪليفون ڏسندي تعليم پرائيندو رهيو. کپرو جي هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپرو مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين. 2001ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهيءَ سال ريڊيو پاڪستان ۾ ڪجهه ٽائيم بطور پروڊيوسر ڪم ڪيائين.

2001ع ۾ ئي آسٽريليا مان ووڪيشنل ٽرينگ ڪيائين. 2006ع ۾ واپس اچي ڪم شروع ڪيو. 2010ع ۾ کيس ترقي ڏيئي ريڊيو جو سينيئر پروڊيوسر ڪيو ويو. ان کانپوءِ 2013ع ۾ آسٽريليا مان پي ايڇ ڊي پڻ ڪيائين.

علي اڪبر جي زندگي جو مثال آهي انهن علائقي واسين لاءِ جتي مائٽ ٻارن کي تعليم نٿا ڏيارين. پاڻ پروڊيوسر هجڻ سان گڏ هڪ سوشل ورڪر پڻ آهي، علي اڪبر پنهنجي طرفان غريبن جي پوري مدد ڪري رهيو آهي.

علي اڪبر هنڱورجو نهايت ئي درگذر ڪرڻ وارو صابر، شاڪر، سهڻي ۽ سٻاجهي طبيعت جو مالڪ آهي، هميشه سوچي سمجهي ڳالهائيندو آهي. سهڻي صورت ۽ سهڻي سيرت رکندڙ علي اڪبر ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪئي آهي، بلڪه ڪنهن جي دل ڏکائڻ گناهه سمجهندو آهي.

سندس چوڻ موجب زندگي ۾ اهي ڪامياب انسان آهن جن محنت ۽ مشقت ڪري پنهنجي زندگي ۾ ڏک ۽ تڪليفون ڏسي وقت جو مقابلو ڪيو. زندگي ۾ ڪا به شيءِ ناممڪن ناهي پر ممڪن ۽ ناممڪن صرف اسان جي سوچ جو حصو آهي.

علي اڪبر هنڱورجو جي زندگي اسان لاءِ مثال آهي، اسان کي به اهڙي ريت محنت ڪرڻ گهرجي جو اسان کي ماڻهو اسان جي نالي ۽ ڪم سان سڃاڻن.*