گهڻ رکي شخصيت:ڊاڪٽر ظفرعباسي

طاهر مستوئي

چوندا آهن ته الله تعاليٰ هر ماڻهو لاءِ هن جي منزل پهرين کان ئي طئي ڪري ڇڏيندو آهي پوءِ انسان کي ان منزل تائين پهچڻ لاءِ محنت جي ضرورت هوندي آهي.

اهڙو ئي مثال ڊاڪٽر ظفر عباسي جو آهي جيڪو تمام گهڻي محنت سان ڊاڪٽر بڻيو. ڊاڪٽر ظفر عباسي 2 اپريل 1964ع ۾ سنڌ جي شهر نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري کان انٽرميڊيئٽ تائين تعليم ڪنڊيارو مان حاصل ڪئي. ايم بي بي ايس جو امتحان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيو.

دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ تعداد ۾ ملن ٿا جيڪي هڪ ئي وقت ٻن ڪمن ۾ رڌل هجن. ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ مهارت رکندڙ ڊاڪٽر ظفر عباسي پرائيوٽ ڪلينڪن، گورنمينٽ اسپتالن ۽ اين جي اوز ۾ انچارچ ميڊيڪل آفيسر طور ڪم ڪري چڪو آهي.

ڊاڪٽر ظفر عباسي کي ڊاڪٽري جي شعبي سان گڏ صحافت ۾ پڻ وڏو مقام حاصل آهي. ميڊيڪل ۽ صحافت ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا آهن.

ننڍي عمر کان ئي ڊاڪٽر ظفر عباسي شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ ڪجهه ڪتاب پڻ شايع ڪرايائين. هينئر انڊس ويلي ڊولپمينٽ سوسائٽي ۾ چيف ايگزيڪيوٽو طور ڪم ڪري رهيو آهي.

سندن شاعري، ڪالم، شارٽ اسٽوريز ۽ شاعري جي صنفن بابت ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا آهن. جن مان چار ڪتاب ڪهاڻين جا، ٽي شاعري جا، ٻه شاعري جي صنفن مطابق لکيل آهن.

شاعري جو هڪ ڪتاب ”تون ته چيو هو“  ۽ شاعري جي صنفن بابت لکيل ڪتاب ”سنڌي ۾ شاعري جو صنفون“ نالي جا ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر صاحب جا پهريان 3 ڪتاب ننڍي عمر ۾ شايع ٿيا هئا، جنهن وقت هو 17 کان 18 سالن جا هو.

ان وقت کان هاڻي تائين ڊاڪٽر ظفر عباسي پندرهن مئگزينن ۾ ائڊيٽر طور ڪم ڪري چُڪو آهي 1979ع کان 1982ع تائين سنڌي ادبي سنگت ڪنڊيارو جو سيڪريٽري پڻ رهيو. 1992ع ۾ ڊيلي ڪاوش ايڊيٽوريل بورڊ جو انچارچ رهيو. پاڻ 1993 ۾ ”ورلڊ ليکڪ مڃتا“ جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو.

ڊاڪٽر صاحب ريڊيو پاڪستان ۾ ڊراما، ڊاڪيومينٽريز ۾ اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت سان رهيو. 2006ع ۾ پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد مان شاهه لطيف ايوارڊ حاصل ڪيو.

ڊاڪٽر ظفر عباسي ڪيترن ئي ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن ۾ سيڪريٽري ۽ چيئرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. هن وقت ڊاڪٽر عباسي هڪ ڊاڪٽرطور ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهي. سندس چوڻ آهي ته زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن پر خدا جو شڪرگذار آهيان جنهن مونکي انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي طاقت ۽ توفيق عطا فرمائي.

هيتري مهانگي دور ۾ جتي ڊاڪٽرن جي فيس 500 کان گهٽ نه آهي اتي ڊاڪٽر طفر عباسي پنهنجي ڪلينڪ جي فيس صرف 100 رپيا رکي آهي ته جيئن غريب ماڻهن کي ڪا مشڪل درپيش نه اچي.

سائين ٻڌايو ته ايتري مهانگي دور ۾ منهنجي گهٽ فيس رکڻ جو سبب هي آهي ته جيئن غريب ماڻهو جيڪي وڏن وڏن ڊاڪٽرن جون فيسون نه ٿا ڏيئي سگهن انهن جو سستو ۽ سٺو علاج ڪري سگهان.