سنڌ هڪ انقلابي شاعرکان محروم ٿي وئي

طاهر مستوئي

راشد مورائي جو جنم 1944ع ڌاري ڳوٺ جوڻا لوئي تعلقي مورو ۾ ٿيو، پاڻ پرائمري ماستر هو، 1957ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، راشد مورائي قومي شاعر طور مشهور ٿيو.

جنهن پنهنجي سموري عمر سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم جي خدمت ڪندي گذاري. هن پنهنجي ڏات، ڏانءُ، توڙي ذات کي سنڌ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو.

راشد مورائي سنڌ جو اهو باشعور ڏات ڌڻي هو، جنهن نه رڳو پنهنجي همعصر دؤر جي شاعرن ۽ اديبن کي متاثر ڪيو پر سندس ڏات ۽ ڏانءُ جي لاٽ سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ به رهنمائي ۽ روشني جو مثال آهي. راشد مورائي جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو، اهو دور سنڌ توڙي سنڌي قوم ۽ ادب لاءِ اونداهون هو.

راشد مورائي جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسي قومي شعور ته ٻئي پاسي وري سونهن، سچ جون صدائون به ملن ٿيون. راشد مورائي باڪردار، سچ گو شخص هو. هن ڪڏهن به مصلحت پسندي ۽ منافقيءَ کان ڪم نه ورتو.

انهيءَ سچائي ۽ کري گفتار جي ڪري ڪافي ڀيرا ويجها دوست ساڻس رُسي ويا پر هن پنهنجي روايت کي برقرار رکيو. راشد مورائي سموري زندگي سنڌ ۾ مذهبي بنيادپرستي ۽ جاگيرداراڻي سماج خلاف پنهنجي قلم ذريعي جنگ ڪئي.

سنڌ جو هي انقلابي شاعر ڪافي ڏينهن کان بيمار هو، نوابشاهه جي اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي سندس آخري لفظ اهي هئا ته آئون پنهنجي ضمير مان مطمئن آهيان، آئون مرڪندي مرندس. واقعي راشد مورائي جيئن دليريءَ سان شاعريءَ ڪئي، تيئن حقيقي زندگيءَ ۾ به دلير شخص هو.

راشد مورائي جي ڪتابن ”سنڌڙي جو سوداءُ“، ”ميندي سندا گيت“، ”دل جو شهر“، ”گيت غزل ڪافيون“ ۽ نثر جو هڪ ڪتاب ”جهڙي آيس جيئن“ وڏي مڃتا حاصل ڪئي. راشد مورائي کي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ايوارڊ مليا ۽ سمورن فنڪارن سندس گيتن کي ڀرپور نموني سان ڳايو.

راشد مورائي بيماريءَ جي حالت ۾ به پنهنجي علاج لاءِ ڪنهن کي به ڪا اپيل نه ڪئي ۽ نه وري سنڌ ثقافت کاتي يا ٻي ڪنهن تنظيم سندس واهر ڪئي، پاڻ آخري وقت ۾ حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ آءِ سي يو ۾ داخل هو ۽ نيٺ 24 مارچ 2014 تي هي انقلابي شاعر حق ۽ سچ جي روايتن کي نڀائيندي وڃي مٽي ماءُ جي هنج ۾ ستو. هن جي لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ هڪ انقلابي، سچي ۽ ارڏي شاعر کان محروم ٿي وئي آهي پر سندس ٻاريل لاٽ سان سنڌ جا ماڻهو هميشه رهنمائي حاصل ڪندا رهندا.*