دهڙڪي جو راجا سائين ساد رام

شريا وير

دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جن پنهنجي سڄي زندگي ماڻهن جي ڀلائي ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي، اهڙي ئي هڪ شخصيت سائين ساڌرام آهي، جنهن بنا ڪنهن لالچ جي سموري زندگي ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري آهي.

سائين ساڌرام 25 آڪٽوبر 1963ع تي جنم ورتو. جڏهن سائين ساڌرام 6 ڏينهن جو هو ته بدقسمتي سان سندن ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي. ان کانپوءِ سائين کي سندن پيءُ ڀڳوان داس ئي پالي وڏو ڪيو.

سندن اصل نالو سائين جنارڌن لعل آهي. پر ننڍي هوندي کان ئي سندن نانو ساڌ ڪري سڏيندو هو ته سائين جو نالو ساڌرام پئجي ويو. سائين جن جو پيءُ سنت سترام داس صاحب جو پوئلڳ هيو ۽ سندن خواهش هئي ته منهنجو پٽ به ان جي ئي نقش قدم تي هلي.

ماڻهن جي ڀلائي ڪري. سائين پنهنجي شروعاتي تعليم رهڙڪي شهر جي هڪ سرڪاري اسڪو.ل مان حاصل ڪئي ۽ اعلي تعليم لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو. جتان هن ايم اي، ايل ايل بي پاس ڪئي.

سن 1990ع ۾ شڪارپور جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو، ان کانپوءِ کيس سنت سترام داس جن جي گادي تي ويهڻ جو موقعو مليو جنهن ڪري اها نوڪري ڇڏڻي پئي ۽ گادي تي ويهي غريب، بکايل ۽ بيمارن جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي.

سائين ساڌرام کي حڪيمي ڄاڻ پڻ آهي جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن جي مختلف بيمارين جو مفت علاج ڪري رهيو آهي.

ساڌرام رهڙڪي شهر ۾ هڪ علائقي جي بنياد پڻ رکي جنهن ۾ ننڍا ننڍا گهر، اسپتال، اسڪول ۽ ڪاليج وغيره شامل آهن. ان ئي علائقي کي هن ايس ايس ڊي ڌام جو نالو ڏنو. ايس ايس ڊي ڌام ۾ هڪ ميڊيڪل ڪاليج پڻ قائم ڪرايائين جتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي مفت تعليم سان گڏوگڏ انهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مفت انتظام ٿيل آهي.

سائين ان ڌام ۾ هڪ شادي هال پڻ ٺهرايو جتي مفت ۾ غريب نياڻين جي اجتمائي شادي ڪرائڻ سان گڏوگڏ انهن کي ڏاج پڻ ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوه پاڻ غريب ماڻهن کي گهر ۽ نوڪريون ڏيڻ جهڙا سٺا ڪم پڻ سرانجام ڏيندو آهي.

سائين ساڌرام ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جنهن ۾ انڊيا، چائنا، دبئي شامل آهن، تن کي ديني تعليم پڻ ڏني. انڊيا جي ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو ته:

مالڪ کان دعا گهري ڪم شروع ڪرڻ ۽ ان جي نالي سان ئي ڪم ختم ڪرڻ وارو شخص سڄي زندگي خوش رهندو آهي.

هن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ڪيترائي ماڻهو هن جا پوئلڳ ٿي ويا ۽ انهن جي دلين مان سائين لاءِ رڳو هي  ئي لفظ نڪرندا آهن:

سڄي دنيا ۾ آ نيارو،

سائين ساڌرام آ پيارو.......

ساڌرام داس انسانن جي خدمت ته ڪندو ئي آهي. پر گڏوگڏ جانورن ۽ پکين لاءِ به سندن دل ۾ اوتري ئي جڳهه آهي. رهڙڪي شهر ۾ ڪيترائي ئي جانور خانا ٺهرايا آهن. جتي پکين ۽ جانورن کي هر روز پنهنجي هٿن سان کاڌو کارائيندو آهي.

ساڌرام داس هر سال ايس ايس ڊي ڌام ۾ ميلو پڻ لڳرائيندو آهي. جتي ماڻهن کي هر سهولت ڏيڻ جو بندوبست پڻ ڪندو آهي، جنهن ۾ ميلي ۾ آيل ماڻهن لاءِ مفت کاڌي پيتي جا اسٽال، سامان جي سارسنڀال لاءِ ڪلاڪ روم، نقدي ۽ قيمتي سامان جي حفاظت لاءِ بئنڪ جو انتظام ٿيل هوندو آهي.

ماڻهن جي مدد ۽ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مختلف شهر ۾ ايس ايس ڊي جي نالي سان ڪيترائي ٽرسٽ هلائي رهيو آهي، جنهن ۾ ملندڙ پئسن جو استعمال غريبن، بيواهن ۽ محتاجن جي زندگي سنوارڻ لاءِ ڪري رهيو آهي.

اڄڪلهه جي مشينري دور ۾ جتي هڪ انسان کي ٻين لاءِ ته ڇا پر پنهنجي سوچڻ جو به وقت نه آهي اتي سائين ساڌرام داس صاحب جهڙا ماڻهو ئي ڏينهن رات هڪ ڪري انسان ذات جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.