استاد،صحافي۽شاعر:سيد عتيق احمد جيلاني

حنا ڪنول

چوندا آهن ته والدين کانپوءِ ٻارن جي درسگاهه استاد هوندو آهي. سيد عتيق احمد جيلاني جو به انهن استادن شمار ٿئي ٿو جيڪي ٻارن کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهي تعليم ڏئي ٿو ۽ پنهنجي فرض سان انصاف ڪري ٿو.

سائين عتيق احمد جيلاني جو تعلق ٽنڊو محمد خان جي جيلاني خاندان سان آهي. سندس جنم ٽنڊو محمد خان ضلع حيدرآباد ۾ 13 جنوري 1956ع ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، بي اي اردو لٽريچر ۾ 1975ع ۽ ايم اردو لٽريچر 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.

ان کان پوءِ هن اتان ئي ايم اي مسلم هسٽريءَ ۾ پڻ ڪئي. 2010ع ۾ اردو ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، جنهن جو موضوع ”رساله معارف ڪا اردو ادبي سرمايه“ هو. هن پنهنجي عملي ڪيريئر جو آغاز 1980ع کان حيدرآباد جي ڪاسموس پوليٽين هاءِ اسڪول ۾ اردو ٻوليءَ جي ٽيچر ٿيڻ کان شروع ڪيو.

ان کان پوءِ هن کي 1982ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ليڪچرر ٿيو. هي ليڪچرر جي پوسٽ تي 1986ع تائين فائز رهيو.

پاڻ 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو جيڪو اڃان تائين سنڌ يونيورسٽي جي اردو شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.

هن جو چوڻ آهي ته هن نفسا نفسيءَ جي دؤر ۾ لٽريچر جي اهميت اها آهي ته ادب اسان کي زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو احساس ڏياري ٿو، صحيح ۽ غلط جي تميز سيکاري ٿو ۽ اسان جي اعليٰ قوتن کي زندهه رکي ٿو.هن جو چوڻ هو ته اڄ جي دؤر ۾ به شاگردن جو وڏو تعداد ادب ۽ شاعريءَ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي.

سيد عتيق احمد جيلاني يونيورسٽي کان پوءِ گهر جون ذميواريون، مشاعرو، ادبي پروگرامن ۾ شرڪت، مطالعي ۽ تحقيق کي وقت ڏيندو آهي. هن جي مطابق يونيورسٽيءَ جي حالتن ۾ ڪجهه خاص فرق نه آهي. شاگردن جو تعداد وڌي ويو آهي، نه اسان بدليا آهيون نه اسان جا مسئلا تبديل ٿيا آهن.

شاگردن جي چوڻ مطابق عتيق احمد جيلاني انتهائي شفيق، مهربان، محبت ڪندڙ ۽ خوش مزاج استاد آهي.

هن جو مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي باري ۾ اهو خيال آهي ته هو ثقافت کي هڪ وڻ وانگر سمجهي ٿو، رسم و رواج ۽ لباس وغيره ان وڻ جون شاخون ۽ پتيون آهن ۽ نظريو، سوچ ۽ فڪر هن وڻ جي جڙ آهن پر اسان کي گهڻو فڪر شاخن ۽ پتين جو هوندو آهي. هي ثقافت کي هڪ گلدستو سمجهي ٿو جنهن جو رنگ ۽ خوشبوءَ ان جو اصل حُسن آهي.

سيد عتيق احمد جيلاني جا چار ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر نجم الاسلام ”ايڪ شخص ايک عهد“، ”گُل دستئه تنقيدي مضامين“، ”تبصري“، ترتيب و تدوين ”صنم خانئه عشق“ از امير مينائي آهن.

هي پروفيسر ۽ صحافت سان تعلق رکڻ سان گڏ اردو زبان جو شاعر پڻ آهي. هن ستين جماعت کان ئي شاعري شروع ڪئي. اڄ تائين ننڍن وڏن مشاعرن ۾ ڪلام ٻڌائيندو آهي. ريڊيو، ٽي وي جا پنجاهه کان وڌيڪ مشاعرا پڻ پڙهيا اٿن.

مقامي، قومي ۽ عالمي مشاعرن ۾ پڻ شرڪت ڪيائين. مجموعئه مقدم ”سرشک“ جي نالي زير ترتيب آهي. هن جا شعر ۽ مشاعرا انٽرنيٽ تي پڻ ملن ٿا.

هن شيخ اياز انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ هڪ پيپر تحقيق جي اهميت اردو جي ادبي مئگزين پڻ متعارف ڪرايو جيڪو ٻولي ۽ ادب تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جنوري 2007ع ۾ ٿيو هو.

هن جي زندگيءَ جو سڀ کان يادگار لمحو اهو آهي ته جڏهن هن پنهنجو پهريون شعر پڙهيو هو ۽ هن کي پنهنجي شاعر ٿيڻ جو علم ٿيو.

سيد عتيق احمد جيلاني نوجوان نسل کي اهو پيغام ڏنو ته هو ”دنيا جي پويان هلڻ جي بجاءِ ڪو اهڙو ڪم ڪن جو دنيا هنن جي پويان هلي.“