سنڌ جو مزاحمتي شاعر حليم باغي

سڪندرآريسر

عبدالحليم ولد محمد سومار ساند، 13 مارچ 1963ع ۾ ڳوٺ روحل واءِ ۾ ڄائو، پاڻ شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي ڪالي خان اوطاق مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ون عمر ڪوٽ مان ۽ انٽر عمرڪوٽ جي ڪاليج مان پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي.

روحل فقير جي آستاني تان قومي مزاحمتي شاعر جنهن کي ماڻهو عبدالحليم ساند نه پر حليم باغي جي نالي سان سڃاڻن ٿا، هن پنهنجي شاعري ۾ آرٽ ۽ سائنس کي رومانس جي فريم ۾ بند ڪري رکيو، ان انداز سنڌي نظم کي جدت وارين بلندين تي پهچائي ڇڏيو.

هن پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو ته ”هو وجهي ٿي سدا هٿ سائنس وئنسوس تي ۽ مروڙي ڇڏي ٿي وال و هرٽ جا هو جا آهي شرم ٻوٽڙي جا هٿ جا نظر سان ٺريو ٿي وڃي“ حليم باغي سنڌ جو اهو قومي مزاحمتي شاعر آهي جنهن ٽوڙي ڦاٽڪ کان وٺي سنڌ جي قومي تحريڪ جي شهيدن تي زبردست قسم جي مزاحمتي نظم، بيت ۽ گيت لکيا، جيڪي اڄ به پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا.

سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي،

 ڄامشوري جو ڄڻ ڪو پٿور ٿيو وڃي

 بند وسڪي جي بوتل جيان ڇوڪري،

هو نشن جيان لهي ٿي حواسن مٿان.

 اڙي شهر جانا ڪيئن توکي سنڀارون

ڪنهن شاعر جون گذريون هتي پنج بهارون

 هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم مند ملهاري تو ريسارو

ڪنهن جو ناهي جي جهريو ڪارو ئي قتلام ڏسو

 ڀلي مسڪرايو ڀلي مسڪرايو اهو مسڪرائڻ مهانگو ٿي پوندو

 ڪارونجهر جي ڪور مٿان ڪو سائو پيلو مور نچي ٿو انسان اٿيو انسان اٿيو

 

سندس اهي مشهور نظم آهن جن کي ٻڌڻ ۽ جھونگارڻ سان انساني جسم جا وار به ڪانڊارجي وڃن ٿا، سنڌ جي ان معصوم ۽ البيلي شاعر کي طبعيت جي ناچاڪي، قومي تحريڪ جي ويجھن ساٿين جي وڇوڙي ۽ زماني جي دردن ۽ ڏکن جيتوڻڪ جهوري وڌو آهي پر ان باوجود به جڏهن ڏات ڏيهه مان لفظ ڪنهن اپسرا جي مرڪ جيان تسلسل سان لهڻ شروع ٿيندا آهن، تڏهن محسوس ٿيندو آ ڄڻ لطيف جي سر سارنگ کان وٺي وڇوڙي جي ورلائين تائين ڀٽائي جي ڪيترن ئي سرن جا رنگ سندس شاعري سان سلهاڙجي ويندا آهن.

هينئر حليم باغي هڪ شاعر سان گڏ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، دعا آهي ته حليم باغي جي سچ ۽ سنڌ لاءِ قلمي جاڳرتا جاري رهي. ياد رهي ته حليم باغي قومي تحريڪ جي جهوني ڪارڪن جمن دربدر جو ڀاڻيجو ۽ سنڌ جي سريلي شاعر حاجي ساند جو ماسات آهي.