ٻاراڻي ادب جو محقق۽ڪهاڻيڪار:خالدآزاد

سيد علي آزاد

سنڌ ڌرتي ڪيترائي انمول ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي عملي ڪوششن سان پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي، ۽ پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي، اهڙن ئي ماڻهن مان خالد آزاد پڻ هڪ آهي.

نوجوان ليکڪ خالد آزاد جو پورو نالو خالد حسين ولد جڙيو وگهيو آهي. خالد آزاد سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آهي، هن ڪيترا ئي تنقيدي ۽ تحقيقي مقالا لکيا آهن. سندس سڃاڻپ ٻاراڻي ادب جي محقق، ڪهاڻيڪار، ٻارڙن جي رسالي ادا سائين جي ايڊيٽر طور ڪئي وڃي ٿي.

خالد آزاد پهرين جنوري 1978ع ۾ مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم مسو ڀرڳڙيءَ مان انٽر سائنس ڊگري ڪاليج مٽياريءَ مان ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي ادب) سنڌ يونويورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.

خالد آزاد لکڻ جي شروعات ٻارڙن جي رسالي ارچڪ مرچڪ ۾ 1993ع ڌاري ڪئي، بعد ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ شعر ماهوار ڪينجهر، عبرت مئگزين، روزانه بختاور ۽ ماهوار ادب ۾ شايع ٿيندا رهيا.

ان دوران 1995ع کان سنڌي ٻارڙا، پبليڪيشن ۽ ٻارڙن جي اخبار سنڌ سرهاڻ ۾ سب ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ سنڌي اخبار عبرت ۽ پاڪ سنڌ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو.

خالد آزاد 2000ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ ريسرچر مقرر ٿيو ۽ جلد ئي ٻارن جي ادب بابت صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو کيس ميمبر بنايو ويو ۽ هو 2001ع ۾ ٻارن جي ادبي شعبي جو انچارج مقرر ٿيو، بعد ۾ پبليڪيشن شعبي ۾ ايڊيٽر رهيو، هن وقت وٽس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ائڊمن) جي چارج آهي. 2009ع ۾ هن ادب تي ڪم ڪندڙ بين الاقوامي اداري انٽرنيشنل ريسرچر سوسائٽي فار چلڊرين لٽريچر پاڪستان ۾ اعزازي ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو.

ٻاراڻي ادب ۾ خدمتن عيوض کيس دعوة اڪيڊمي اسلام آباد پاران اعزاز سان گڏ سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور، سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت، هيومن ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن، اسٽوڊنٽس اينڊ رائيٽر فورم ڪراچي، مونو پبلڪ انگلش هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن پاران هن کي مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن.

خالد آزاد ٻاراڻي ادب بابت ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا ۽ اُهي ڇپيا آهن جن ۾ جيجل جي هنج ۾ (ڪهاڻيون 2001ع)، جانورن جو بادشاهه (خير محمد بلوچ سان گڏ ترجمو 2001ع) ۽ سج اڀرڻ کان پوءِ (ناول 2005ع) شامل آهن.

ان کان سواءِ خالد آزاد پنهنجي ساٿي، خان محمد جروار سان گڏ انگريزي سنڌي دفتري لغت پڻ ترتيب ڏني آهي. جيڪا سنڌي لئنگيئج اٿارٽي 2009ع ۾ شايع ڪئي آهي. خالد آزاد جو چوڻ آهي ته جيڪو محنت ڪري ٿو ان کي ان جو صلو ضرور ملي ٿو.*