معذوري کي مات ڏيندڙ:بشارت لنجواڻي

مريدحسين

زندگي کي استاد چيو ويندو آهي، اهڙو استاد جيڪو امتحان ته پهرين وٺي ڇڏيندو آهي پر سبق بعد ۾ ڏيندو آهي. هي زندگي لاهن ۽ چاڙهن ڏکن ۽ سکن جي مجموعي جو نالو آهي. هن زندگيءَ کان هر شخص ڪاميابيون گهرندو آهي پر اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن، جيڪي جو چاهيندا آهن سو ئي ماڻيندا آهن.

گهڻا ته وچ رستي ۾ دلبرداشته ٿي زندگيءَ کان هارائي ويهي رهندا آهن ۽ ڪي زندگيءَ سان مسلسل جنگ جوٽي به پنهنجي منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. اهڙن ئي چند ماڻهن منجهان هڪ آهي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوليٽيڪل سائنس شعبي جو استاد بشارت علي لنجواڻي.

بشارت علي لنجواڻي ڀٽ شاهه ڀرسان ننڍڙي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ۾   سال 1978ع جي ڊسمبر مهيني جي 13هين تاريخ تي ڀٽ ڌڻيءَ جي راڳي فقير گهراڻي ۾ جنم ورتو. بشارت ساڳئي ڳوٺ ۾ پنهنجو بچپن گذاريو ۽ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي.

جڏهن هو چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو تڏهن ساڻس هڪ حادثو پيش آيو، جنهن سندس زندگي ئي بدلائي ڇڏي. حادثي ۾ سندس هڪ ٻانهن شديد زخمي ٿي پئي ۽ هڪ ذهين ۽ هونهار ٻار کي سموري زندگي انهيءَ ڏک هيٺ گذارڻي هئي ته هو پنهنجي هم عمر ٻين ٻارن وانگر نه رهيو هو.

حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد به بشارت ڪمال، همت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو، هن زندگيءَ آڏو هار نه مڃي ۽ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن کان به گهٽ تصور نه ڪيو. هن ڀٽ شاهه جي هائير سيڪينڊري اسڪول مان نمايان نمبرن سان انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيو ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏني ۽  بشارت مٽياري ضلعي جو واحد شاگرد هو جيڪو لمس ۾ سليڪٽ ٿيو.

پر غريب گهراڻي سان تعلق سبب هو پنهنجي ڊاڪٽر ٿيڻ واري خواب کي پورو نه ڪري سگهيو. اهو شايد سندس زندگيءَ جو پهريون موقعو هو جو بشارت مايوسين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ لڳو ۽ 6 مهينن تائين ويراڳ واري ڪيفيت ۾ رهيو، سندس انهيءَ اڪيلائي ۽ مايوسيءَ سندس گهر وارن کي به پريشان ڪري ڇڏيو.

پر بشارت ڇاڪاڻ جو هار مڃڻ وارن مان نه هو، ٻيهر همت ۽ حوصلي سان زندگيءَ جي ميدان تي آيو ۽ وڏي جرئت جو مظاهرو ڪندي نئين جوش ۽ جذبي سان ڏکئي وقت جو مقابلو ڪيائين.

بشارت اسلام آباد جي قائد اعظم يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ 2005ع ۾ اتان پوليٽيڪل سائنس جي شعبي ۾ MSc  جي ڊگري حاصل ڪئي. ماسٽرز جي ڊگري ماڻڻ کان پوءِ 2005ع ۾ ئي هن گرين رورل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن (GRDO)  ۾ پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر طور عملي زندگيءَ ۾ پير پاتو.

2008ع کان آڪٽوبر 2009ع تائين پاڪستان انسٽيوٽ آف ريسرچ اينڊ ليبر ايجوڪيشن(PILER)  ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. 2008ع ۾ کيس هڪ اسٽنڊي لاءِ برازيل اماڻيو ويو جتي هن مزدورن جي عام مسئلن ۽ خاص طور تي جبري پورهئي جي مسئلي ۽ برازيل جي حڪومت پاران انهن مسئلن جي حل بابت ٿيندڙ ڪوششن جي موضوع تي تحقيق ڪئي، جيڪا رپورٽ بين الاقوامي تنظيم “Trocaire” ۽  پاڪستان ۾ بانڊيڊ ليبر تي ڪم ڪندڙ سندن ساٿي تنظيمن کي اماڻي وئي. ان کان علاوه بشارت علي لنجواڻي “PILLER” ۽“GRDO” ۾ ڪم دوران ورلڊ سوشل فورم سميت سارڪ ۽ ملڪي سطح جي ٻه ڊزن کن سيمينارن ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آهي.

اڳتي هلي بشارت لنجواڻي سنڌ يونيورسٽي جي شعبي پوليٽيڪل سائنسز ۾ لڪچرار ٿيو ۽ 2009ع کان هن وقت تائين هو هن شعبي سان واڳيل آهي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوليٽيڪل سائنس شعبي مان “The State of Implementation of ILO Labour Standard in Brick industry of Pakistan”.  جي موضوع تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪري رهيو آهي. هن ڪيترائي ريسرچ آرٽيڪل پڻ لکيا آهن، جيڪي مختلف وقتن ۾ شايع پڻ ٿيندا رهيا آهن. جن ۾ قابل ذڪر هي آهن:

Brick kiln and Bondage in Pakistan” published by PILER.2010

“Labour issues, inflation and opening of economy in Vietnam: A new challenge for the country”, published by Area Study Centre, University of Sindh, Jamshoro.

“Social Vulnerabilities of Brick kiln and Agriculture Workers in the wake of Floods 2011”. Unpublished.

“State of Residential Rights in Sindh”, published by Pakistan Study Centre, University of Sindh Jamshoro, 2011

موجوده وقت ۾ بشارت علي لنجواڻي پوليٽيڪل سائنس شعبي ۾ سيمينار ۽ ليڪچرس انچارج طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ان کان علاوه انساني حقن، ماڊرن پوليٽيڪل ٿاٽ، پاڪستان اسٽڊيز،  ڪانسٽيٽيوشنز آف ڊيولپنگ ۽ ڊيولپڊ ڪنٽريز،  ريسرچ ميٿاڊولاجيءَ پڙهائڻ سان گڏ انٽرنيشنل صوفي ازم يونيورسٽي ڀٽ شاهه، ڪئمپس ۾ پڻ شاگردن کي علم جي نور سان منور ڪري رهيو آهي.

بشارت مسلسل جدوجهد  جي هڪ جيئري جاڳندي تصوير آهي. هن زندگيءَ ۾ ملندڙ ڏکن، تڪليفن ۽ پريشانين کان ڪڏهن به نه گهٻرايو ۽ هر حال ۾ پنهنجي مقصد ماڻڻ ۽ پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو آهي. 

هو چوندو آهي ته ”جيڪڏهن انسان زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻڻ ۽ منزل تائين پهچڻ گهري ٿو ته پوءِ سندس لاءِ سخت محنت اڻٽر ٿي پوي ٿي.“ بشارت علي لنجواڻي يقيني طور نوجوان نسل لاءِ هڪ آدرشي ڪردار آهي.*