اسپورٽس مين۽ميڊيا پرسن:مجاهدعلي سولنگي

طاهرمستوئي

دنيا ۾ ايندڙ هر انسان جو ڪو خاص مقصد ضرور هوندو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو زندگي ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ لاءِ به تيار هوندو آهي، اهڙي ئي هڪ خاص شخصيت سنڌ ڌرتي تي قدم پاتو پر هو پنهنجي چونڊيل منزل حاصل نه ڪرڻ تي مايوس نه ٿيو ۽ جهدوجهد جاري رکي.

مجاهد علي سولنگي 1 سيپٽمبر 1971ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي حمل محلي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم شاهه بخاري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ پائلٽ هائر اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. هن کي راندين جو تمام گهڻو شوق هوندو هو.

گهڻي دلچسپي ڪرڪيٽ ۾ هوندي هئي. تعليم سان گڏ هن ڪرڪيٽ جي طرف به تمام گهڻي توجهه ڏني، جنهن سبب سڀ کان پهرين لاڙڪاڻي جي مشهور ڪرڪيٽ ڪلب الشهباز مان ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ان جو نالو سٺي رانديگرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

1989ع ۾ پاڪستان جي انڊر 19 ٽيم ڀارت وئي، جنهن ۾ مجاهد ٽرائلز پڻ ٽرائلز ڏنو، پر سفارش نه هئڻ سبب ٽيم ۾ شامل نه ٿي سگهيو، پوءِ به ان مايوسي اختيار نه ڪئي ۽ اڃا وڌيڪ محنت ڪئي.

ٻارهين جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ اسپورٽس سيٽ تي مهراڻ انجينئرگ يونيورسٽي ۾ اليڪٽرانڪس ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي پر گهرو مسئلن ۾ وڪڙيل هجڻ سبب هو پڙهائي پوري نه ڪري سگهيو پر ان پنهنجي ڪرڪيٽ جي شوق ۾ گهٽتائي نه آندي.

سنڌ توڙي پاڪستان ۾ پهريون سنڌي ڪرڪيٽر هو جنهن ڪوئٽه جي هڪ ٽيم خلاف ڊبل سنچري هڻي سٺو نالو ڪمايو. 2000ع ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان (A) ٽيم جي سليڪشن ٿي رهي هئي، جنهن ۾ پاڪستان جا ڪيترائي سٺا رانديگر موجود هئا، جهڙوڪ عمران فرحت، دانش ڪنيريا، وهاب رياض ۽ مصباح الحق. مجاهد کان به ٽرائلز ورتا ويا پر هڪ ڀيرو ٻيهر ان کي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو.

ڪجهه عرصي بعد انگلينڊ جي ٽيم ناصر حسين جي قيادت ۾ پاڪستان جي دؤري تي آئي، جنهن خلاف ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ هڪ پريڪٽس ميچ جيڪا گورنر اليون سنڌ سان کيڏي وئي ان جي قيادت راشد لطيف جي حوالي ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان جا نالي وارا رانديگر شاهد آفريدي، شعيب ملڪ ۽ يونس خان موجود هئا ۽ مجاهد هڪ واحد سنڌي رانديگر هو.

مجاهد کي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو ۽ 12 رانديگر طور کيڏايو ويو، ان اهم ميچ ۾ چانس نه ملڻ بعد ڪرڪيٽ تان دل کڄي ويو، مجاهد هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ فرد آهي ۽ نوڪري نه هجڻ سبب گهڻو پريشان رهڻ لڳو.

جنهن بعد کيس علي قاضي طرفان ڪي ٽي اين نيوز ۾ مڪمل پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو، جتي شروعات طور ڪجهه سمجهه نه پئي آيس ڇاڪاڻ ته هڪ اسپورٽس مين ۽ نيوز لائف ٻه مختلف پليٽ فارم آهن، ٿوري ئي وقت ۾ ڪي ٽي اين نيوز ۾ دوستن جي همت افضائي ۽ حوصلي سان هڪ سٺي اسپورٽس رپورٽر، اسپورٽس نيوز ڪاسٽر، اسڪرپٽ ايڊيٽر، اسٽوري رائيٽر، وائس اور آرٽسٽ ۽ هفتيوار اسپورٽس رائونڊ اپ پروگرام جو هوسٽ ۽ ڊائريڪٽر ٿي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

مجاهد جو چوڻ آهي ته جيسيتائين سنڌي رانديگرن جي اسان جا چونڊيل نمائندا، بيوروڪريٽس، سياسي ۽ سماجي اداري جا نمائندا مالڪي نه ڪندا تيستائين سنڌ جي راندين ۽ رانديگرن جي ڀلائي ممڪن نه آهي ۽ اهي اڳتي ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن. والدين کي گهرجي ته ٻارن کي تعليم سان گڏ راندين جي ميدان ڏانهن پڻ راغب ڪن جيئن اهي صحتمند رهي سگهن.

مجاهد جو اهو پڻ چوڻ آهي ته منهنجي هن ڪاميابي جو سبب ڪي ٽي اين نيوز جو آنر علي قاضي ۽ نيوز ڊائريڪٽر آشفاق آذر آهن جنهن هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي آهي. چونڊيل نمائدن کي بهترين ڪارڪردگي ڪندڙ سنڌي رانديگرن کي مختلف ادران ۾ نوڪريون ڏيڻ گهرجي.

سنڌ اسمبلي ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن جي اڪثر ضلعن ۾ ڪوبه گرائونڊ نه آهي جيڪي آهن اهي راندين جي لائق نه آهن اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا نوجوان ڪيئن مٿي ايندا، ڪهڙي طرح گرائونڊ جي اڻلب هجن بعد نوجوان برائين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن،

پرائمري تعليمي ادارن ۾ ڪي به گرائونڊ نه آهين ۽ پرائيويٽ اسڪول ته آهن ئي مختلف بنلگن ۾ کليل آهن جتي رانديون ٿيڻ جو ڪو به ماحُول نه آهي ،جڏهن ته اسپورٽس فيس جي مد مي وڏي رقم ورتي ٿي وڄي. ان جا زميوار به اسان آهيون والدين آهن.