ارادن جو مضبوط:فيص محمد

ماجد علي ملاح

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي اسان ۽ اسان جي معاشري لاءِ هڪ مثال بڻجي ويندا آهن. جن جي طرز زندگي کي ڏسي اسان ڪافي ڪجھ سکي ۽ ترقي ڪري سگھون ٿا. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ سنڌ يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش اينڊ لٽريچر سائنس جو  ريسرچ ايسوسيئيٽ فيض محمد بروهي پڻ آهي. جيڪو شڪارپور ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ شيخ بروهي سان تعلق رکي ٿو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو اهو واحد شاگرد هو جيڪو سماجي ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏئي يونيورسٽي تائين پهتو ۽ هي مقام حاصل ڪيو.

س: اوهان کي يونيورسٽي اچڻ جو شوق ڪئين پيدا ٿيو ۽ انگريزي شعبو ئي ڇو ؟

ج: ننڍي هوندي کان ئي مونکي انگريزي سکڻ ۽ ڳالهائڻ جو شوق هو. جنهن ۾ منهنجي استادن تمام گھڻي رهنمائي ڪئي ۽ جڏهن نائين ۽ ڏهين جي ڪلاس ۾ انگريزي سبجيڪٽ ۾ مارڪون سٺيون آيون ته مون انگريزي شعبي ۾ داخلا وٺڻ جو سوچيو.

س: تعيلم دوران ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو؟

ج:  مسئلا ته ڪافي هئا پر جيڪو اهم مسئلو پيش آيو اهو والد صاحب جو لاڏاڻو هو، ان وقت آئون ستين درجي ۾ پڙهندو هئس اهو ڏينهن منهنجي لاءِ قيامت برابر هو، جنهن ڏينهن منهنجو والد صاحب مون کان ڌار ٿي ويو.

س: انگريزي ٻولي ۾ مهارت ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿي؟

ج:  انگريزي ٻولي سکڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ماحول جو هوندو آهي ان لاءِ هڪ سٺو ماحول هئڻ لازمي آهي، ان کان سواءِ گفتگو تمام ضروري هوندي آهي ۽ ناول، ڊراما، ڪهاڻيون، افسانا ۽ انگريزي اخبارون پڙهڻ ذريعي انگريزي ٻولي سکي سگھجي ٿي.

س: ادب جي باري ۾ اوهان جو ڇا رايو آهي؟

ج: ادب اسان جي زندگي سان ڳنڍيل آهي، ادب کان سواءِ انسان ائين اڻپورو آهي جئين پاڻي کان سواءِ مڇي هوندي آهي. ادب کي زندگي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي، ادب روح جو نالو آهي.

س: اوهان جي زندگي جو يادگار ڏينهن ڪهڙو آهي؟

ج: 2002ع ۾ پاڪستان سائنس فيئر ٿيو هو جنهن ۾ مون ٽين پوزيشن حاصل ڪئي اهو ئي منهنجي زندگي جو يادگار ڏينهن آهي.

س: اوهان جو پسنديده شاعر ڪهڙو آهي؟

ج: ميٿيو آرنلڊ آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪلاسيڪل ۽ رومانوي شاعري ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو.

س: آخر ۾ توهان شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

ج: خاص ڪري اهي شاگرد  جيڪي مائٽن کي چئي ايندا آهن ته اسين پرديس ۾ پڙهڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، پر هتي اچي سڀ ڪجھ وساري ويهندا آهن. انهن لاءِ اهو پيغام ڏيندس ته والدين جو احساس ڪن ۽ انهن جي اميدن تي پورو لهي، انهن جي خوابن کي پورو ڪن.