ماڻهو ايان تائين فشريز جي اهميت نه سمجهي سگهيا آهن:ڊاڪٽرنعيم طارق

عشرت جواد

 25 سيپٽمبر 1963ع ضلعي دادو ۾ جنم وٺندڙ معصوم ٻار جنهن جو ننڍ پڻ مختلف جاين تي گذريو ان باوجود پاڻ کي تعليمي دنيا ۾ مڃرائي قدم وڌائي ڪاميابي ماڻيائون ۽ اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽي جي شعبي فريش واٽر بائيولاجي ۽ فشريز جا چيئرمين مقرر ٿيا ان عظيم شخصيت جو نالو ڊاڪٽر نعيم طارق ناريجو آهي. پاڻ شروعاتي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ ۽ انٽر لطيف آباد ۽ بي ايس سي ۽ ايم ايس سي ۽ ايم فل پڻ فريش واٽر بائيولاجي اينڊ فشريز ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين ۽ بنگلاديش مان پي ايڇ ڊي ڪيائون ۽ مختلف پروجيڪٽس تي ڪم پڻ ڪيو اٿس. پاڻ هن وقت فريش واٽر بائيولاجي ۽ فشريز ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.

س: توهان جي ڪيريئر جي شروعات ڪٿان ٿي؟

ج: جڏهن مان ايم ايس سي ڪئي ته اڃا منهنجي امتحانن جو نتيجو به نه آيو. هو ته مون کي فريش واٽر بائيولاجي اينڊ فشريز شعبي ۾ ليڪچررشپ ملي. ان کان پوءِ 2006ع ۾ پاڪستان سائنس فائونڊيشن اسلام آباد پاران گولڊ ميڊل پڻ مليو. ان دؤران مون 47 مڇين جي قسمن تي ريسرچ ڪئي هئي. ان کان پوءِ مون کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو.

س: توهان هڪ سائنٽسٽ وانگر به ڪم ڪيو؟

ج: جي ها ٿائيلينڊ ۾ مڇين جي قسمن تي تجربا ڪيا ويندا آهن مان به ٿائيلينڊ مان اهو سکي آيو هيس ۽ هتي اچي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ پلو مڇي تي تجربو ڪيو جيڪو ڪامياب ويو جيڪا مڇي عام پاڻي ۾ ٻن سالن ۾ تيار ٿيندي آهي. اها اسان 8 مهينن ۾ تيار ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا آهيو.

س: اسان جي ملڪ جي مڇي کي ٻاهرئين ملڪن ۾ ايتري اهميت ڇو نه ڏني ويندي آهي؟

ج: ان جا ڪافي گهڻا ڪارڻ آهن. اسان وٽ مڇي جي پروڊڪشن تمام گهٽ آهي ٻيو ته وڏن وڏن فارمن تي صفائي بلڪل به نه آهي انهيءَ ڪارڻ يورپين ملڪ اسان جي مڇي خريد نه ٿا ڪن. پر اسان کان ايران اها ئي مڇي سستي اگهه ۾ وٺي يورپين ملڪن کي منافعي ۾ وڪرو ڪندو آهي.

س: توهان جي ڪاميابي جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي؟

ج: منهنجي ڪاميابي جي پويان منهنجي گهر وارن ۽ منهنجي ڌيءَ جو هٿ آهي ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ منهنجي استاد ايس ايس علي جو هٿ آهي.

س: توهان ڪتاب به لکيا آهن؟

ج: جي ها مون ٻه ڪتاب لکيا آهن.  Glossary of Fisheries Science and Aquaculterure,  ۽ Fundamental of Ichyology جيڪي پاڪستان ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايا وڃن ٿا.

س: توهان جي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟

ج: منهنجي خواهش آهي ته مان هن ڊپارٽمينٽ کي فيڪلٽي ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اسان اها ڪوشش به ڪري رهيا آهيون ته اڄ جيڪا مڇي اسان 200 روپيه في ڪلو وٺي ٿا اچون اها مڇي اسان 50 روپيه ڪلو ڪرڻ چاهيون ٿا جيئن هر غريب ماڻهو به کائي سگهي.

س: اڄڪلهه پنهنجي ملڪ جي پاڻي سان ڪافي بيماريون ٿي رهيون آهن توهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: ان جو اصل ڪارڻ ملڪ ۾ گهڻي آدمشماري آهي. ڇاڪاڻ جو ته پاڻي جي گدلاڻ ڪارخانن جي ڪري ئي ٿيندي آهي. اهو پاڻي وري استعمال جي پاڻي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جنهن سبب بيماريون پيدا ٿين ٿيون.

س: توهان جي ڊپارٽمينٽ ۾ گهٽ شاگرد آهن ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟

ج: انهيءَ ڳالهه جو مون کي تمام گهڻو افسوس آهي جو اسان جا سنڌي ماڻهو اڃا تائين فشريز جي اهميت نه سمجهي سگهيا آهن ۽ ان ڪري پنهنجي ٻارن کي به ان ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ کان منع ڪندا آهن.

س: توهان سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟

ج: مان سڀني شاگردن کي اهو پيغام ڏيندس ته سنڌ يونيورسٽي پنهنجي امڙ آهي هي اها درسگاهه آهي جيڪ اسانکي زندگي جيئڻ ۽ زندگي جو مقصد ڏئي ٿي.