عبدالجبار سومرو

عطا الله خلجي

سياڻن سچ چيو آهي ته والدين اسان کي عرش کان فرش تائين آڻيندا آهن ۽ استاد ئي اها هستي آهي جيڪا فرش کان عرش تائين پهچائي ٿو. انهن عظيم هستين مان عبدالجبار پڻ هڪ آهي.

جنهن جو جنم 1930ع ۾ شڪارپور جي ننڍڙي ڳوٺ مريد سيٺار ۾ ٿيو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم به شڪارپور ضلعي مان حاصل ڪئي.

ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ بي اي ۽ ايم اي ڪيائين ۽ پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ پڻ آهن.

س: توهان استاد جي عهدي تي ڪڏهن فائز ٿيو؟

ج: 1979ع تي آئون پرائمري استاد جي عهدي تي فائز ٿيس. پوءِ 1992ع کان وٺي ايس، ايس جي پيشي کي سر انجام ڏيندو اچان ٿو.

س: توهان سنڌي شعبي ۾ ئي تعليم حاصل ڪرڻ کي ڇو اهميت ڏني؟

ج: آئون ننڍپڻ کان ئي سنڌي شعبي ۾ گهڻي دلچسپي رکندو هوس ان ڪري مون هن شعبي مان ايم اي ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني. ان وقت منهنجي استادن پڻ منهنجي مدد ڪئي.

س: توهان هڪ ليکڪ به آهيو توهان جا مشهور ڪتاب ڪهڙا آهن؟

ج: جي ها بلڪل مان 50 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. منهنجا مشهور ڪتاب، جادو جو ڏنڊو، حضرت بابا بلي شاهه، تصوف جي تاريخ، سفرنامه ثمر ڪند ۽ بخارا جي سر زمين.

س: ڇا توهان اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڪم ڪيو؟

ج: جي ها مون شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالو گلڙا، مهو هموار زندگي، وينجهار مئگزين، دائجيسٽ ۽ سنگي رسالي ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ اخبارن مان جاڳي عوامي، حلال پاڪستان، مهراڻ، پاڪ سنڌ، برسات شامل آهن.

س: ڇا توهان کي شاعري ۾ دلچسپي آهي؟

ج: جا ها مون کي شاعري ۾ تمام گهڻي دلچسي آهي. منهنجو پسنديده شاعر نثار بزمي آهي. ان جو تعلق شڪارپور سان آهي. منهنجو پسنديده شعر هي آهي.

سنڌ ڪڏهن سنڊ نه ٿيندي انشاءَ الله

پئي جام جيئندي انشاءَ الله

آئون شاهه جي شاعري مان گهڻو متاثر آهيان.

س: ادب تي لکڻ سان توهان کي ڪهڙي موٽ ملي؟

ج: ادب تي لکڻ سان مون کي تمام سٺي موٽ ملي منهنجي لکيل ڪتابن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. 1999ع ۽ 2000ع ۾ ڪلمي پورهئي جي مڃتا طور عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران (تنوير عباسي) ايوارڊ مليو. 2004ع ۾ سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور پاران سنڌ ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور ايوارڊ مليو ۽ مکڙي آرٽس سرڪل پاران 1999ع ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جو سرٽيفڪيٽ پڻ مليو.

س: توهان ملڪي تعليمي نظام کي ڪيئن ٿا ڏسو، ڇا ان ۾ تبديلي جي ضرورت آهي؟

ج: اسان جي ملڪي تعليمي نظام ۾ گهڻي بهتري آئي آهي. پر اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جو ملڪ تمام گهڻو پوئتي آهي. پر محنت ڪنداسين ته اسان جو تعليمي نظام به بهتر ٿيندو. تعليمي نظام ۾ تبديلي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. سياسي مداخلت سبب /ڏسو صفحو ...... 4 نااهل استادن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو.  ان جو سڌو سنئون اثر تعليم تي پوي ٿو. پر جيڪڏهن محنت ڪنداسين ته منزل ضرور ملندي. 

س: توهان سڀني شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: مان سڀني شاگردن کي شاهه جي شاعري وسيلي هي پيغام ڏيڻ چاهيندس.

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.