عرفان احمد شيخ

خالد معظم شاه

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن. جيڪي اسان جي معاشري لاءِ هڪ مثال بڻجي ويندا آهن. جن کي ڏسي اسان گهڻو ڪجهه سکي ۽ ترقي ڪري سگهون ٿا. اهڙن ئي ماڻهن مان سنڌ يونيورسٽي جي جنرل هسٽري شعبي جو ليڪچرار عرفان احمد شيخ آهي. جيڪو ضلعي مٽياري ۾ 25 اپريل 1973ع ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم مٽياري مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان، جنهن کان پوءِ انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري، بي اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. ۽ ايم اي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي جتي پوزيشن حاصل ڪيائين ۽ لا ڪاليج حيدرآباد مان پڻ ايل ايل بي ڪئي. 2008ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيا. سندن تعليمي سلسلو اڃا به جاري آهي ۽ ايم فل پڻ ڪري رهيا آهن 

س: توهان کي جنرل هسٽري شعبي ۾ اچڻ جو شوق ڪيئن ٿيو؟

ج: جڏهن مون قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ مون کي چار سبجيڪٽ مليا. جنهن ۾ اڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس، اينٿروپالاجي ۽ جنرل هسٽري شامل هئا. جنهن مان مون جنرل هسٽري کي ترجيح ڏني. ڇاڪاڻ جو جنرل هسٽري  منهنجو پسنديده سبجيڪٽ هو.

س: توهان قائداعظم يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي آهي. هتان ۽ اتان جي تعليم ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

ج: قائداعظم يونيورسٽي ۽ هتان جي يونيورسٽي ۾ گهڻو فرق آهي. اتي ڪو به سياسي دخل اندازنه آهي. ان کان علاوه اتي ٽرم بيڪ، نوان ڪورسز، سيمينار، ڊيپ وغيره ڪرايا ويندا آهن. جنهن جي ڪري اتان جي تعليم هتان کان بهتر آهي.

س: توهان جنرل هسٽري شعبي جي اهميت کي پاڪستان ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: پاڪستان ۾ جنرل هسٽري شعبي جو تمام گهڻو اسڪوپ آهي. جنرل هسٽري سي ايس ايس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان کان علاوه جنرل هسٽري، ميڊيا، ثقافت ۽ هر فيلڊ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

س: اسان جو تعليمي نظام پوئتي هجڻ جا سبب ٻڌايو؟

ج: اسان وٽ ايترا قابل استاد نه آهن. جنهن ۾ سيکارڻ جا گُڻ هجن، جنهن جي لحاظ کان اهي تعليم کي وڌائين ۽ تعليمي نظام ۾ تبديلي آڻي سگهن ۽ جيستائين اسان جي ملڪ مان ڪاپي ڪلچر ختم نه ٿيندو تيستائين اسان جي تعليمي نظام ۾ تبديلي نه ٿي اچي سگهي.

س: اوهان واندڪائي جي وقت ڇا ڪندا آهيو؟

ج: مان واندڪائي وقت ايم فل جي تياري ڪندو آهيان ان کان علاوه ريسرچ ورڪ ۽ انٽرنيٽ به استعمال ڪندو آهيان.

س: اوهان جي پسنديده شخصيت ڪهڙي آهي. جنهن مان اوهان متاثر ٿيا هجو؟

ج: منهنجي پسنديده شخصيت منهنجو والد حڪيم نظر محمد شيخ آهي. جيڪو هڪ ڪالم نگار آهي، جنهن مون کي هن مقام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

س: توهان جي زندگي جو يادگار لمحو ڪهڙو آهي؟

ج:  منهنجي زندگي جو يادگار لمحو اهو آهي، جڏهن مان ليڪچرارشپ ۾ ڪواليفاءِ ڪيو ۽ پوزيشن حاصل ڪئي. اهو ئي منهنجي لاءِ زندگي جو وڏي ۾ وڏو يادگار لمحو آهي.

س: آخر ۾ اوهان شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

ج: شاگردن کي اهو ئي پيغام ڏيڻ چاهيندس ته والدين جيڪي گهڻيون تڪليفون سر تي سهي کين پڙهڻ لاءِ يونيورسٽي موڪلين ٿا، انهن جي خوابن تي پورو لهن ۽ پنهنجو مقصد ماڻين ۽ مهرباني ڪري اجايو وقت نه وڃائين ۽ وڌ کان وڌ پنهنجي پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏين.