زندگي وهندڙندي آهي:شبنم گل

ڪامران علي لاشاري

دنيا جي تاريخ ۾ عورتن جو اهم ڪردار رهيو آهي، انهن عورتن ۾ اسان جو سنڌ ڄايون به دنيا جي عورتن سان هر وقت ترقي جي راهه ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيٺيون آهن. نه صرف اڄ جي دور ۾ بلڪ اڄ کان 400 سال اڳ به اسان جي عورت آزاد ۽ آزاد خيالن جي رهي آهي. جنهن جو وڏو مثال لطيف سرڪار جي سر مارئي مان ئي وٺي سگھجي ٿو. اهڙين عورتن ۾ شبنم گل جو به نالو شمار ٿئي ٿو.

1963ع ۾ دادو ضلعي جي سيوهڻ شهر ۾ اک کوليندڙ شبنم گل پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم سيوهڻ ۽ جوهي ۾ حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ ڄامشوري مان انٽر ڪرڻ بعد هن ايم اي انگلش ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پنهنجي ادبي زندگي جي شروعات ڄامشوري جھڙي پٿريلي ڌرتي جي دل سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. هن جا ڪيترائي ڊراما ۽ شاعري جا مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آهن. سندس لکڻيون تمام گھڻيون متاثر ڪُن آهن.

س: توهان جي لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟

ج: 1984ع کان لکڻ شروع ڪيو ڪراچي مان نڪرندڙ اردو اخبار ”امن“ ۾ عورتن جي صفحي لاءِ مختلف شعبن سان لاڳاپيل خواتين جا انٽرويو ڪرڻ شروع ڪيا ان کان علاوه افسانا ۽ ڪالم پڻ لکيا ان کان پوءِ مون سنڌي ۾ 1988ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ عبرت اخبار سان پڻ وابسته رهيس ٻن سالن تائين عورتن جي رسالي ”بختاور“ جي ايڊيٽر رهيس 1986ع ۾ ريڊيو جوائن ڪيو ۽ ڪمپئرنگ سان گڏ ڊراما به لکندي هيس.

س: ادب جي ڪهڙي صنفن ۾ لکيو اٿو؟

ج: مون شاعري، ڪهاڻي، ريڊيو ۽ ٽي وي جا ڊراما لکيا آهن اخبار لاءِ ڪالم به لکندي آهيان.

س: توهان جي لکڻ جا ڪهڙا موضوع آهن؟

ج: منهنجا موضوع معاشرتي ۽ نفسياتي آهن ان کان علاوه مون تصوف جي موضوع تي به لکيو آهي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ ڪجھ منهنجا موضوع حقيقي زندگي جي ڪردارن مان آهن. جڏهن مون لکڻ شروع ڪري ورتو ته اهو مارشل لا جو دور هو گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول هو جبر جي پس منظر مان سدائين مزاحمتي ادب سرجندو آهي. ان ڪري منهنجي لکڻين جا موضوع اهي رهيا آهن جيڪي معاشري کي بدلائڻ جو اتساهه ڏيندا هجن اهڙا موضوع جيڪي انسان جي سوچ کي هڪ نئون رخ عطا ڪن زندگي وهندڙ ندي آهي. ان ۾ مسلسل تبديلي ۽ هلچل آهي. ڪئي نوان رستا دڳ آهن جن تائين پهچڻو پوي ٿو.

س: توهان ڪهڙن ليکڪن کان متاثر آهيو؟

ج: مون کي انگريزي جا شاعر وليم ورڊز ورٿ ۽ سڪٽيو پسند آهن. ڪهاڻيڪار ۾ موپا سان ۽ البرٽو موراويا پسند آهن ۽ سنڌ ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي پسند آهي.

س: توهان جا ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن؟

ج: نون لکندڙن کي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گھرجي مطالعي سان اسان جي سوچ وسيع ٿئي ٿي. سوچ کي نوان رخ عطا ٿين ٿا. تحرير ۾ پختگي اچي ٿي. پر اڄڪلهه جئين ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري يا ڪمپيوٽرز ۽ موبائيل فون جي ڪشش سبب نوجوان مطالعي کان پري آهن. سڄي دنيا ۾ خاص طور تي يورپين ملڪن ۾ ڪتابن کي پڙهيو وڃي ٿو پر اسان وٽ ڪتب خانا ويران پيا آهن.

ادب جي معيار تڏهن بهتر ٿيندي جڏهن اسان ان کي بين الاقوامي ادب جي سطح تائين کڻي اينداسين اسان تحقيق ڏانهن مائل ٿيڻ سان گڏ نفاجي جائزا پڻ ڪنداسين ته ادب ۾ هڪ بهتر صورتحال پيدا ٿي ويندي معيار محنت،جاکوڙ  ۽ جذبي سان ٿيندو آهي.

س: نوجوان ليکڪن کي ڪهڙو پيغام ڏيندو؟

ج: نوجوان پنهنجي تاريخ کي پڙهن ۽ صوفي شاعرن جو مطالعو ڪن. جيڪا قوم پنهنجي  ثقافت کي نه ٿي سمجھي سا ٻين قومن سان مقابلي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿي نوجوانن کي ڪتاب وڌ کان وڌ پڙهڻ گھرجن جئين سندن سوچ ۾ تبديلي اچي. مشاهدا ۽ تجربا انسان جي سوچ ۾ پختگي آڻين ٿا پر ڪتاب کيس معلومات ڏئي ٿو ٻين جي مشاهدن، تجربن ۽ زندگي کان آگاهه ڪري ٿو اڄ مقابلي جو دور آهي. ڪو به انسان ڄائي ڄم کان ذهين نه ٿو ٿئي علم ۽ مطالعو کيس ڪامياب انسان بڻائي ٿو.