ادب سان چاه رهيو آهي:انور مڱريو

بلقيس فاطمه

انور مڱريو 6 جنوري 1986ع تي ڳوٺ ليٽڻ مڱريو ۾ هڪ استاد جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 2001ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گھانگھرا مان مئٽرڪ پاس ڪئي، انٽر ڪوٽڙي ڪاليج مان حاصل ڪئي. 2007 ۾ سنڌيونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان ايم اي پاس ڪيائين. هن وقت پاڻ سنڌي شعبي ۾ هڪ استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سوال: توهان جو ٻالڪپڻ ڪيئن گذريو؟

جواب: منهنجو ٻالڪپڻ سٺو گذريو. مونکي ننڍي هوندي کان ئي راندين سان دلچسپي نه هوندي هئي. نه ئي مان ڪڏهن ضد ڪندو هئس، ننڍي هوندي کان وٺي منهنجو ادب ڏانهن لاڙو رهيو آهي ۽ سنجيدگي سان منهنجو ٻالڪپڻ گذريو آهي. منهنجو ننڍي هوندي کان ئي موسيقي سان لڳاءُ رهيو آهي.

سوال: سنڌي شعبي ۾ شوق سان آيا يا اتفاق سان آيا؟

جواب: نه نه ائين ناهي مان پنهنجي شوق سان سنڌي شعبي ۾ آيس. ان جو سبب اهو هو ته منهنجوشروع کان وٺي قومپرستي ڏانهن لاڙو رهيو آهي. سنڌي ٻولي سان محبت هئي، شروع کان ئي ادب سان چاهه رهيو آهي ان لاءِ مون سنڌي شعبي ۾ دلي شوق سان داخلا ورتي هئي ۽ مون کي فخر آهي ته پنهنجي ٻولي ۾ ايم اي ڪئي آهي.

سوال: موجوده دؤر ۾ اديبن جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: هن دؤر ۾ سنڌ جي اندر موجود اديبن جو ڪردار سٺو آهي چاهي امر جليل هجي يا امداد حسيني، هو اڄ به پنهنجي ڌرتي جي بقاءُ لاءِ پنهنجي قلم سان جنگ وڙهي رهيا آهن. چاهي اهي سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا ڪالاباغ ڊيم هجن، سنڌ جي معدنيات هجي، سنڌو جو سڪل پيٽ هجي يا اين ايف سي ايوارڊ. انهن سڀني مسئلن تي سنڌ جا اديب پنهنجو ڪردار بهترين نموني سان ادا ڪري رهيا آهن.

سوال: توهان جا پسنديده شاعر ۽ اديب ڪهڙا آهن؟

جواب: شاعري ۾ ته اول نمبر تي شاهه عبداللطيف ئي آهي ان کان پوءِ شاعري ۾ مون کي شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني ۽ اعجاز شاهه راشدي پسند آهن. اديبن ۾ هر اديب مون کي پسند آهن جيڪي سنڌ جي حقن تي صحيح نموني لکن ٿا اهي ئي اديب منهنجا پسنديده اديب آهن.

سوال: استادن جي يونين جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟

جواب: استادن ۽ سياستدانن ۾ فرق آهي مان پنهنجي ذاتي راءِ موجب يونين کي صحيح نه ٿو سمجهان ڇوته استاد جو ڪم ٻار کي تعليم ڏيڻ ۽ شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ آهي نه ڪي سياست ڪرڻ ڇاڪاڻ ته سياست سان استاد سياست جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ تقريبن پنهنجي فرض کان محروم ٿي وڃي ٿو.

سوال: سنڌ جي موجوده نوجوانن جي ذهانت کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

جواب: سنڌ هر دور ۾ ذهين ماڻهو پيدا ڪيا آهن. دودو سومرو هجي، غلام شاهه ڪلهوڙو هجي، سائين جي ايم سيد هجي يا سورهيه بادشاهه هجي مطلب ته اڄ به سنڌ سُنڍ  ناهي. مون کي مڪمل ايمان آهي ته هن وقت به سنڌ جو نئون ٽيلينٽ هڪ بهترين صورت ۾ موجود آهي. جيڪو انشاالله هڪ ڏينهن دنيا جي اندر سنڌ جو نوجوان پنهنجو پاڻ کي مڃرائي ڏيکاريندو.

سوال: توهان سنڌي ۾ ڇا ڇا لکيو آهي؟

جواب: (کلندي) ايڏو ڪو اديب ته ناهيان پر پوءِ به منهنجا ڪالم ڪاوش ۽ مهراڻ اخبار ۾ ايندا آهن. ۽ هن وقت آئون هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب لکي رهيو آهيان جيڪو جلد ئي ڇپائي لاءِ اماڻيندس.*