اميد انسان لا۽ وڏو هٿيار آهي:شبانه ٽنيو

معشوق علي ڀند

سنڌ يونيورسٽي ۾ سوشيالاجي شعبي جي ريسرچ ايسوسيئيٽ شبانه تنيو نوشهرو فيروز ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکي ٿي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي اها واحد شاگردياڻي ئي جيڪا سماجي ۽ معاشي مسئلن باوجود يونيورسٽي تائين تعليم ورتي.

سوال: توهان کي يونيورسٽي اچڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو ۽ سوشيالاجي شعبو ئي ڇو چونڊيو؟

جواب: جڏهن مان پڙهندي هيس ته پرائمري کان وٺي شوق هيو ۽ مون اهوئي سوچيو هو ته جيڪڏهن سوشيالاجي ۾ داخلا نه ٿي ته ٻئي ڪنهن شعبي ۾ نه وينديس ۽ سوشيالاجي ۾ وڃي سماج جي باري ۾ سکڻ ۽ ڳالهائڻ جو تمام شوق هو، جنهن ۾ منهنجي استادن تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. جڏهن مون ستون پاس ڪيو ته ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن آئي ته مون سوشيالاجي شعبي ۾ داخلا وٺڻ جو سوچيو.

سوال: تعليم دوران ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو؟

جواب: مسئلا ته ڪافي هئا پر جيڪو اهم مسئلو پيش آيو ڏهين ڪلاس پاس ڪرڻ کان پوءِ جڏهن والد صاحب اڳتي پڙهڻ جي اجازت ڏني ته ان وقت اسان جا مائٽ مٽ، چاچا منهنجي والد صاحب سان ڪاوڙجي پيا ته اسان جي ڳوٺ مان ڪنهن جا ڇوڪرا ڪونه ٿا پڙهن ۽ تون نياڻيءَ جي ٻار کي اڳتي ڪيئن ٿو پڙهائين پر منهنجو والد صاحب منهنجي پڙهائي جي ڪري ڌار ٿي ويو.

سوال: توهان جي ڪاميابي جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي؟

جواب: منهنجي ڪاميابي جي پويان منهنجي گهر وارن جو ۽ منهنجي والد صاحب جو هٿ آهي.

سوال: ادب جي باري ۾ توهان جو رايو ڇا آهي؟

جواب: ادب اسان جي زندگي سان ڳنڍيل هوندو آهي ۽ ادب کان سواءِ انسان اڻپورو هوندو آهي. جيئن سماج ۾ سوسائٽي جو ماحول هوندو آهي ادب کي سماجي ثقافت ڌار نه ٿي ڪري سگهي.

سوال: توهان جي زندگي جو يادگار ڏينهن ڪهڙو آهي؟

جواب: 2005ع ۾ سوشيالاجي شعبي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي اهوئي منهنجي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن آهي.

سوال: توهان جي ڪيريئر جي شروعات ڪٿان ٿي آهي؟

جواب: جڏهن مون ايم اي ڪئي ته اڃا منهنجي امتحانن جو نتيجو به نه آيو هو ته مون کي سوشيالاجي شعبي ۾ آر. اي جي نوڪري ملي ۽ انهيءَ کان پوءِ هاڻي 2009ع ۾ ليڪچررشپ ملي آهي پر هاڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل ڪري رهي آهيان. ايم فل جو مان پهريون سيمينار ڏيڻ واري آهيان ۽ ايم فل جي لاءِ گائيڊ پروفيسر اعجاز وساڻ ڪري رهيو آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مان ايم فل سنڌ يونيورسٽي مان ڪري پي ايڇ ڊي ڪنهن ٻاهرين ملڪ مان ڪنديس.

سوال: آخر ۾ توهان شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندئو؟

جواب: اڪثر ڪري اهي شاگرد جيڪي پنهنجي مائٽن، مٽن، کي چئي ايندا آهن ته اسين پرديس ۾ پڙهڻ وڃون ٿا پر هتي اچي سڀ ڪجهه وساري ويهندا آهن، پر انهن کي اهوئي پيغام ڏينديس ته پنهنجي والدين ۽ مائٽن جو احساس ڪن ۽ انهن جي اميدن ۽ خوابن کي پورو ڪن انهن جي اميدن تي پاڻي نه هارين ڇو ته اميد انسان جو هڪ وڏو هٿيار آهي.