غريب ٻارن جي مستقبل لا۽ سوچيندڙ:سڪندر علي

ڪليم الله ڪلهوڙو

اهڙا ماڻهو قسمت سان ملن ٿا جيڪي هن دجالي دور ۾ به همت نه هاريندي انهن غريبن، يتيمن ۽ بيوس ٻارڙن جي مدد ڪن ٿا. پر اهڙو نيڪ دل انسان اڄ به اسان سان گڏ آهي جنهن جا ڪيل سٺا ڪم اسان کي متاثر ڪن ٿا.

1957ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي وليد مولا ۾ جنم وٺندڙ سائين سڪندر علي مقول جنهن پنهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ڊي.سي اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد انٽر ۽ بي.اي جي ڊگري لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ ايم.اي اسلامڪ ڪلچر ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي.

س: توهان ۾ ننڍڙن ٻارن کي ديني تعليم ڏيارڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟

ج: ستن سالن کان وٺي نماز پڙهڻ جو عادي هئس15 سالن جي عمر ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخله ورتي ان کانپوءِ ٻي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1979 ۾ سنڌي پرائمري ماستري جي نوڪري ملي ۽ مون ڏٺو ته اسان جي شاگردن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون آهن ۽ معاشري ۾ اهڙن ٻارن کي مون اڳتي اڀارڻ چاهيو ته جيئن اهي به ٻين ٻارن وانگر دين اسلام جي تعليم وٺي سگهن ان جي لاءِ اسان گڏجي هڪ اهڙو پليٽ فارم تيار ڪيوسين جتي اسان جا غريب ٻار اچي ڪري ڪجهه ٿي سگهن ۽ اڳتي وڌي سگهن.

س: گذريل گهڻن سالن کان وٺي توهان اهو نيڪ ڪم ڪندا پيا اچو؟ ۽ ان سموري عرصي ۾ توهان کي ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو؟

ج: الحمدالله مون کي هن ڪم ۾ 30 کان 35 سال ٿي ويا آهن ۽ جيڪي اسان مشڪلاتون ڏٺيون انهن مان سڀ کان وڌيڪ پئسن جي گهٽتائي هئي ۽ اڄ به آهي پر تنهن هوندي به خدا جا نيڪ ٻانها منهنجي مدد ڪندا رهيا آهن ڪن ڪپڙي جي صورت ۾ مدد ڪئي ته ڪن زڪوات جي صورت ۾ صدقو ڏنو.

س: ڪنهن کان متاثر ٿي ڪري توهان هن ڪم ۾ شامل ٿيا؟ يا توهان جي خاندان ۾ ڪو پهريان اهڙو ماڻهو هو جنهن توهان کي اهو ڪم سونپيو؟

ج: منهنجا وڏا پابندي سان نماز پڙهندا هئا ۽ مون کي اهڙو سٺو ماحول مليو ۽ اهڙا سٺا علماءِ ۽ استاد مليا جن کان متاثر ٿي ڪري مون هن ڪم لاءِ پنهنجو وقت هميشه لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. جڏهن آءُ ننڍو هئس ته شروعات کان ئي ديني مدرسن ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪجندو ويو. مون اهو چاهيو پئي ته اڳتي هلي مان به اهڙا ديني ادارا قائم ڪيان جن سان ايندڙ نوجوان نسل فائدو وٺي سگهن ۽ اهوئي خيال دل ۾ رکندي مون پنهنجو سمورو وقت انهن ڪمن لاءِ مختصر ڪري ڇڏيو.

س: توهان کي پنهنجي اولاد به آهي پوءِ هنن ٻارڙن سان ۽ پنهنجي گهر وارن سان ڪيئن وقت ورهائيندا آهيو؟

ج: پهريان ته مشڪل ٿي پئي پر آهسته آهسته جڏهن اسان پنهنجن ادارن کي ديني مدرسن جي صورت ۾ ڪيوسين ته ان کانپوءِ اسان اتي استاد مقرر ڪياسين جن اسان جو وقت بچائيندي پنهنجو فرض سر انجام ڏنو ۽ ان کانپوءِ اسان ٻنهي طرفن ڏي پنهنجو ڌيان ڏنوسين ۽ الله پاڪ جي مدد سان اسان جا ديني مدرسه به هلن پيا ۽ پنهنجي گهر کي به چڱي طرح وقت ڏيون پيا.

س: توهان وٽ ٻارڙن جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ مالي وسيلا ڪهڙا آهن؟

ج: هن مهنگائي جي دور ۾ ڪنهن جي مدد ڪرڻ ته ٺهيو پر جنهن سان الله پاڪ جو ساٿ هجي ته ان کي ڪابه مشڪل پيش نٿي اچي سگهي. خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ اسان پنهنجي دوستن تي چندو رکيوسين ۽ اسان کي ڪجهه سٺا ماڻهو مليا جن اسان جي هن دور ۾ مدد ڪئي ۽ هن ڀلائي واري ڪم ۾ پنهنجو خير شامل ڪيو.

س: اُهي ڪهڙيون تبدليون آهن جيڪي توهان چاهيو ٿا ته اڄ جي دور ۾ ٿيڻ کپن؟

ج: اسان چاهيون ٿا ته جيئن گورنمينٽ جي اسڪول لاءِ سهولتون ملن ٿيون ائين ئي اسان جي ادارن کي سهولتون مُهيا ڪيون وڃن. اسان جا ادارا به ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن جيئن سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار پڙهن ٿا ائين اسان جي مدرسن کي به اهي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن جنهن سان اسان جا ٻار پڙهي ڪري ڪنهن سٺي منزل تي پهچن ۽ اسان جو ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪن. جيئن سرڪاري اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر جهڙي تعليم ڏني وڃي ٿي ائين ئي اسان جي ادارن کي به ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي.*