استادن جي عزت ڪريو:محمد صديق جويو

خالد ابڙو

هي سنڌ ڌرتي جنهن هميشه پنهنجي پيٽن مان ڪونڌر پٽن کي جنم ڏنو آهي. ۽ انهن پٽن هميشه پنهنجي هن ماتر ڀومي کي خوشحال ۽ سرسبز ڏسڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. پنهنجن جانين جا نظرانا ڏئي ڌرتي جي حفاظت ڪئي آهي ته ڪي وري مختلف شعبن ۾ رهي ڪري هن ڌرتي ماتا جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن محب وطن حلالي پٽن مان محمد صديق جويو پڻ هڪ آهي. جنهن هن ڌرتي کي ترقي ڏيارڻ جو وچن ڪيو آهي. محمد صديق جويو تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪاٺيا ۾ جنم ورتو. هن تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪاٺيا مان ڪئي. جنهن بعد ميٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ خانيوار هاءِ اسڪول مان ڪئي، ان کان پوءِ خيرپور ناٿن شاه ڪاليج مان انٽر پاس ڪيائين.1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايس سي جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڄامشورو ڪالوني ۾ استاد جي مقدس پيشي جو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

س: تعليم کاتي ۾ اچڻ کان پوءِ اوهان جي ڪا خدمت؟

ج: هڪ هاءِ اسڪول جي استاد جي حصيت سان ان ۾ آئون اڪيلو ڪو اهم ڪردار ته ادا نه ڪري سگهيو آهيان. پر انفرادي طور تي خدا تعالٰي مون ۾ جيڪا اهليت بخشي آهي. ان جو ڀرپور استعمال ڪيو اٿم. سڄي ڄامشوري ضلعي جي ڪنهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪي شاگرد انگريزي ميديم ۾ امتحان ڏيندا آهن ته اهي اسان جي بوائز هاءِ اسڪول ڄامشوري ڪالوني ۾ منهنجي ڪلاس جا شاگرد هوندا آهن. ان لاءِ مان انگريزي، فزڪس، ڪيميسٽري رياضي ۽ سمورا سبجيڪٽ آئون پاڻ شاگردن کي مڪمل ڪرائيندو آهيان.

س: اوهان جو تعليمي خدمتون پنهنجي اسڪول تائين ئي محدود هونديون آهن يا....؟

ج: جيڪڏهن استاد رڳو ڪلاس يا اسڪول تائين ئي محدود رهي ته ان کي مڪمل يا قابل استاد ڪونه ليکبو آهي. جڏهن کان آئون پنهنجي ڳوٺ کان ڄامشوري آيو آهيان تڏهن کان هر سال شاگردن کي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي امتحان جي تياري ڪرائيندو آهيان. مون وٽ تياري ڪندڙ شاگرد هر سال ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ۾ سليڪٽ ٿيندا رهيا آهن. مون کي اهي شاگرد پنهنجي مرضي سان ٽيوشن فيس ڏيندا آهن ته وٺندو آهيان. پر غريب شاگردن کي آئون مفت ۾ پڙهائيندو آهيان.

س: اوهانجي نظر ۾ تعليمي معيار جي پٺتي پوڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

ج: پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ ڪرڻندڙ تعليمي نظام جا ڪيترا ئي سبب آهن. جن مان منهنجي نظر ۾ استادن جو علم شاگردن تائين منتقل ڪرڻ جو جذبو ختم ٿي ويو آهي.

س: توهان جي نظر ۾ استادن جي پڙهائي ۾ ادم دلچسپي ڇا جي لاءِ نه رهي آهي؟

ج: منهنجي نظر ۾ ان جو اهم سبب پڙهائيندڙ استاد جو قدر نه ڪندڙ آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انسان شروع کان عزت ۽ نالي جو بکيو پي رهيو آهي پوءِ هر دور ۾ عزت جا معيار به بدليا آهن.

س: علمي ۽ ادبي کيتر ۾ اوهان جو ادا ڪيل ڪردار؟

ج: صبح جي وقت اسڪول ۽ شام جي وقت ٽيوشن لاءِ مخصوص هوندو آهي. ظاهر ته ڪو ٽائيم ئي ڪونهي جو علمي ۽ ادبي، کيتر ۾ ڪوڪردار ادا ڪري سگهجي پوءِ به علم ۽ ادب سان /ڏسو صفحو .....4 منهنجي گهري، دلچسپي رهي آهي مان پنهنجا ڪتاب خريد به پڙهندو آهيان. ڄامشوري ڪوٽڙي ۾ به حيدرآباد ۾ جيڪي به اهڙي قسم جي سرگرمي ٿيندي آهي ته ان لاءِ ٽائم ڪڍي وٺندو آهيان.

س: آخر ۾ اوهان اسان جي شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

ج: مان مختصر لفظن ۾ چوندس ته پنهنجي استادن جي عزت ڪريو جيترو اوهان پنهنجي استادن جي عزت ڪندا ۽ ٻڌندا اوترو دل جي گهراين سان استاد اوهانجون دليون علم جي روشني سان منور ڪندا.*