اظهار جو طاقتور ذريعو شاعري آهي:ايان کوسو

پيتامبر ڪمار شرما

ڪي ماڻهو معاشري جي سڃاڻپ جا محتاج نه پر معاشرو پنهنجي سڃاڻپ لاءِ اهڙن ئي گلزار ماڻهن جو محتاج هوندو آهي.

اهڙي ئي هڪ گلزار چمن جو هڪ گل جنهن جو نالو محمد ايوب کوسو آهي. جيڪو هڪ خوبصورت جذبن جي ترجماني ڪندڙ شاعر ۽ ليکڪ آهي.

محمد ايوب کوسو 1 مئي 1971ع ۾ جهڏو شهر جي ننڍڙي ڳوٺ احمد خان کوسو ۾ پنهنجي اک کولي. سندس گهراڻو گهوڙي سواري جو ڪوڏيو رهيو آهي. اهڙي نموني ايوب کوسي به ننڍپڻ هتي گذاريو ۽ شروعاتي تعليم به اتان ئي پرائي. پاڻ ميڊيا سان به واسطو رهيو. ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم وغيره لکندو رهيو. پاڻ 8 ڪتاب پڻ لکيا آهن جنهن ۾: گلابن جو ڪفن، ديوارن جي دنيا، اڪيلائي جو آسمان، بارش سوچيو ٿي، نگاهون ۽ نيراگل، دردن جون مسافرون، سنڌ اداس آهي ۽ ڪنارن جو سفر شامل آهي. هن جا مشهور ڪتاب ديوارن جي دنيا ۽ گلابن جو ڪفن تمام گهڻو مشهور ڪتاب رهيا آهن. ادبيات پاڪستان پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، قومي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي انعام کٽي چڪو آهي. پاڻ تعليم جي شعبي سان به تمام گهڻو تعلق رهيو آهي. سندس پنهنجي شاعري ۾ پسنديده شعر.

"شهر مزاج بدليا خنجر وڪامجي ويا

گل ڪنهن ڪو نه خريديا پٿر وڪامجي ويا"

س: شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي؟

ج: 1987ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون کي ريڊيو سان دلچسپي ٿي اتان کان ڳوٺ منجهه رسول بخش قريشي لائبريري تان ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. اُتان سنڌي ۽ اردو شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن سان واسطو جڙي ويو. 1990ع ڌاري کان پاڻمرادو نثر لکڻ کان شروعات ڪئي ۽ شاعري به ان سان گڏ لکڻ شروع ڪئي.

س: چون ٿا ته شاعري جذبن ۽ احساسن جو نانءُ آهي، توهان ان ڳالهه کان ڪيتري حد تائين مطمئن آهيو؟

ج: شيڪسپيئر چيو آهي ته شاعري اعليٰ سنجيدگي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سماج ۾ سنجيده قدر ۽ لاڙا شاعري جي ذريعي متعارف ٿي سگهن ٿا، اسان وٽ اظهار جا جيڪي طاقتور ذريعا آهن. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت شاعري کي آهي. جنهن جي ذريعي پيغام ڏئي به سگهجي ٿو ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه به ڪري سگهجي ٿي.

س: معاشري ۾ شاعري ۾ هڪ ڪميونيڪيشن جو ذريعو آهي توهان ان کي ڪيئن ڏسو ٿا؟

ج: آءُ سمجهان ٿو ته ڪنهن به قوم جي اظهار جو طاقتور ذريعو شاعري هوندو آهي. جيڪا ماڻهن جي مزاج جي عڪاسي ڪندي آهي. جيڪا اڳتي هلي سٺا لاڙا به پيدا ڪري ٿي. صوفياڻي شاعري به شعوري رستي ڏانهن مرتب ڪندي آهي.

س: گهڻو ڪري شاعر عشق ۽ محبت تي شاعري ڪندا آهن؟ ان جو سبب ڪهڙو آهي؟

ج: محبت هڪ طاقتور ترين جذبو آهي. انسان جي انسان سان محبت کي شاعري واضح ڪري ٿي. زندگي ۾ سڀ کان پهرين ماڻهو محبت کان متاثر ٿئي ٿو. ان کي رومانوي شاعر سڏبو آهي، پر جڏهن سماجي شعور وڌي ٿو ته ماڻهو نظرياتي قسم جي شاعري ڏانهن موٽ کائي ٿو.

س: شاعر گهڻو ڪري عورت کي پنهنجي شاعري ۾ لذت جي طور تي استعمال ڪري ٿو؟ ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

ج: اسان وٽ شاعري جي لاءِ عورت هڪ اهم موضوع رهيو آهي. جنهن جي حسن ۽ ادائن تي شاعري ٿئي ٿي. بنيادي ڳالهه اها آهي ته عورت جي اهميت وڌائڻ آهي پر ڪٿي ڪٿي اظهار حدون اورانگهي وڃي ٿو. اهو مناسب نه آهي. شاعري ۾ مهذب پڻو هئڻ ضروري آهي. ڇو جو شاعري بنيادي طور تي قومي فن آهي؟

س:اڄ جا شاعر رڳو ڪيسٽي شاعري ڏانهن توجهه ڏين ٿا، جڏهن ته انقلابي شاعري گهٽ شاعر ڪن ٿا؟ ان جو ڪهڙو سبب آهي؟

ج: بنيادي سبب اهو آهي ته جديد سماجي شعور اسان کي سماج منجهان حاصل نٿو ٿئي، ان لاءِ اسان کي پنهنجي ذاتي ڪوشش وٺڻي پوي ٿي، مطلب اهو ته اسان انفرادي طور زندگي گذاريون ٿا جڏهن ته ضروري اهو آهي ته اسان ۾ اجتماعي سوچ پيدا ٿئي.

س: توهان شاعري گهڻن صنفن ۾ ڪئي آهي؟

ج: مون چونڊ صنفون پنهنجي شاعري لاءِ چونڊيون آهن خاص ڪري نظم ۽ غزل. انهن ٻنهي ۾ آئون پنهنجو مڪمل اظهار ڪري سگهان پيو. باقي ڪجهه ٻيون صنفون به تجربي طور استعمال ڪيون آهن.

س: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي اڄ جي سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ ڪيئن لاڳو ڪري سگهجي ٿي؟

ج: شاهه رڳو سنڌ جو نه پردنيا جو هڪ وڏو شاعر آهي ۽ اهڙا شاعر ڀاڳ وارين قومن کي نصيب ٿيندا آهن. هاڻي ضروري اهو آهي ته لطيف سرڪار  جي شاعري جي اصل تشريح ڪري سنڌ جي ماڻهن تائين عام ڪئيي وڃي. سرڪاري ادارن ۾ لطيف کي جديد موضوع تحت پڙهايو وڃي. جيئن ٻي دنيا ۾ قومي شاعرن کي شامل ڪيو ٿو وڃي.

س: توهان جي نظر ۾ زندگي ڇا آهي؟

ج: زندگي منهنجي نظر ۾ هڪڙو فلسفو آهي جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪروڙين شاعر، اديب ۽ فلاسفر پنهنجا رايا ڏيندا رهيا آهن پر زندگي جي تشريح اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهي آهي. زندگي کي اڳتي وٺي ويندڙ حقيقت جو نالو ئي خيال آهي. خيال ئي دنيا کي تبديل ڪيو آهي خيال ئي زندگي کي نون نظرين ڏانهن آندو آهي اصل ۾ زندگي نالو آهي ئي جستجو جو.

س: ادب ۾ تنقيدي ادب جي ڪيتري اهميت آهي؟

ج: ڏاڍو سٺو سوال آهي، ادب ۾ تنقيدي ادب هڪڙي اهم شعبي جي اهميت ۾ رهيو آهي، پر بدقسمتي سان هن وقت اسان جو اهو شعبو لڳ ڀڳ بند ٿي چڪو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسان وٽ سائين رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جهڙا اهم اديب هڪ ڪردار ادا ڪري رهيا هئا پر هاڻي اهڙا ڪردار سنڌي ادب ۾ نظر نٿا اچن جنهن ڪري اسان جو ادب جهيڙن جو شڪار آهي.

س: جيئن ته توهان ميڊيا سان لاڳاپيل رهيا آهيو ته توهان ميڊيا کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: ميڊيا هن دور جي طاقتور حقيقت آهي جيڪا لاڙا پيدا ڪندي آهي. هن وقت صرف ميڊيا سياست جي نظر ٿي وئي آهي. ان ڪري اسان کي ان منجهان جيڪو فائدو ملڻ گهرجي اهو نه پيو ملي باقي تڪڙي ڄاڻ ضرور ملي پئي، پر اڃا وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.

س: آخر ۾ پڙهندڙن کي ڪو پيغام؟

ج: پنهنجي سڄڻن لاءِ اهو ئي نياپو آهي ته لطيف سائين کي سمجهو پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب کي نه وساريو پنهنجي ٻولي، پنهنجي ڌرتي لاءِ سوچيو.....!*