منهنجي ڪاميابيون جو راز امڙ جون دعائون آهن:اسد قريشي

زوهيب قريشي

اسد قريشي عرف صدورو ضلعي نوشهرو فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ فقير محمد عثمان تنيو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ مان ڪجهه وقت حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم والد جي سرڪاري نوڪري هئڻ ڪري ڪيترن ئي ضلعن ۾ حاصل ڪئي.

س: ميڊيا ۾ اچڻ جو شوق ڪيئن ٿيو، ڪنهن جي ذريعي آيو ۽ ڪيتري عمر ۾ آيو؟

ج: مون کي ميڊيا بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي ڇو ته ان وقت منهنجي عمر 19 سال هئي. منهنجو وڏو ڀاءُ ڪراچيءَ ۾ سروس ۾ هو تنهن کي ڪنهن دوست چيو ته سنڌي ماڻهوءَ جي (ايسٽرن اسٽوڊيوز) ۾ سنڌي لکهه پڙهه لاءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي فلمن جي لاءِ ضرورت آهي. مون کي ڀاءُ اها ڳالهه ٻڌائي ۽ ائين منهنجو فلمي ميڊيا ۾ اچڻ ٿيو.

س: ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌي ميڊيا سنڌي ٻولي کي بگاڙي ڇڏيو آهي؟

ج: سنڌي ميڊيا سنڌي ٻوليءَ کي بگاڙڻ ۾ وڏو سبب گهٽ تعليمي يافته هئڻ سبب ٿيو آهي ڇو ته انهن کي سنڌي ادب جي پوري ڄاڻ نه آهي ۽ ان لاءِ منهنجي راءِ اها آهي ته ميڊيا تي اهڙن مٿي ڏنل ماڻهن تي بندش ڪئي وڃي ۽ ان جي حل جي لاءِ اسان جا معتبر ادب سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ٽي وي تي هفتي ۾ هڪ ٻه پروگرام سنڌي ٻوليءَ جي ادب مطابق ڪرايا وڃن.

س: بطور ڊائريڪٽر، ڪئمرامين، اداڪار، ليکڪ، پروڊيوسر رهيا آهيو، انهن سڀني مان وڌيڪ ڇا ۾ مزو آهي؟

ج: مزو ته هر هڪ شعبي ۾ آهي، پر جيڪا موٽ عوام مون کي بطور هڪ اداڪاري ڏني. ان لاءِ مون کي اداڪاري ڪرڻ ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو.

س: شوبز ۾ هن مهل تائين توهان ڪيترن زبانن ۾ ڪم ڪيو آهي؟

ج: شوبز ۾ مون ڪيترن ئي زبانن ۾ ۽ ڪيترن ئي مشهور اداڪارن جهڙوڪ: مرحوم محمد علي، سلطان راهي وغيره سان اردو، پنجابي فلمن ۽ ڊارمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

س: اداڪار نه هجو ها ته ڇا هجو ها؟

ج: جيڪڏهن آءُ ننڍي عمر ۾ شوبز ۾ نه وڃان ها ته هڪ سٺو چير ڦاڙ ڪندڙ ڊاڪٽر هجان ها.

س: توهان جي ڪاميابيءَ جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي؟

ج: منهنجي ڪاميابيءَ جي پويان منهنجي وڏي ڀاءُ حاجي عطاالله جو هٿ ۽ امڙ جون دعائون آهن. ڪجهه ٽيلي فلمن ۾ مون سان منهنجي ڀائيٽي جهانگير قريشيءَ تمام گهڻو تعاون ڪيو.

س: توهان جي زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو؟

ج: هڪ دفعو نادر گوهر سنڌي فيچر فلم جي شوٽنگ دؤران مهنجو نادر جي ڪردار ۾ سون جي دڪان کي لٽڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ منهنجي ٽنگ ٽٽي جنهن ۾ آءُ هڪ سال بستري تي رهيس.