ڊاڪٽر قمر جنان مرزا

روشني ٽيم

اڄڪلهه جي دؤر ۾ ڪنهن وٽ ڪنهن جي لاءِ وقت نه آهي اتي ڪجهه اهڙا عظيم ماڻهو به آهن جيڪي ٻين جي لاءِ  پنهنجي زندگي ماڻهن لاءِ ارپي ڇڏين ٿا. انهن ماڻهن مان ڊاڪٽر قمر جهان مرزا پڻ هڪ آهي. سندس پيدائش 14 آگسٽ 1956ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ٿي. ابتدائي تعليم ٽنڊو ٺوڙهو مرزا قليچ بيگ اسڪول ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ ميران اسڪول مان پرايم. عملي لياقت ايم اي سنڌي، ايل ايل بي ۽ پي ايڇ ڊي آهي هن وقت سسنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر آهيان. 1983ع ۾ ملڪ جي برک محقق، ماهر لسانيا، اديب، عالم پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا (اڳوڻو وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي) جي رهنمائيءَ هيٺ پي ايڇ ڊي ڪيائين.

س: لکڻ پڙهڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟

ج:آءُ سمجهان ٿي ته لکڻ پڙهڻ جي شروعات ته تڏهن کان ٿيو وڃي جڏهن ٻار اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ ان مان اوهان جي مراد علم و ادب سان آهي. آءُ ائين چونديس ته هر انسان جي اندر ۾ هڪ اديب ۽ هڪ شاعر موجود هوندو آهي. پر جيڪي اندر جي اڻ تڻ کي قرطاس تي آڻين ٿا، سي ئي اديب ۽ شاعر سڏجن ٿا. سو آءُ ادب جي استاد ته آهيان پر پاڻ کي اديب نٿي چئي سگهان. منهنجي فيلڊ ريسرچ آهي، سنڌي ۽ اردو ادب جا ناول ۽ افسانا وڏي شوق ۽ ذوق سان پڙهندي هيس. آءُ يارهن ٻارهن سالن جي هيس ته انهن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ سياسي ماحول جُڙڻ لڳو هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو نالو ايترو ته وڄڻ لڳو هو جو هر ننڍو توڙي وڏو ۽ ٻاريچو سندس شيدائي ٿي ويو ۽ گهر – گهر، گهٽيءَ – گهٽيءَ ۾ سندس چرچو ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري منهنجو ذهن به سياست ڏانهن مائل ٿي ويو. آءُ سنڌ جي پهرين نياڻي هيس جيڪا پيپلز پارٽي وومين برانچ جي چيئرپرسن ٿي هيس. تقريرن ڪرڻ جو فن به شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان سکيو. ان کان سواءِ تن ڏينهن ۾ ڪجهه سنڌي ۽ اردو افسانا لکيم، پر مصروفيتن سبب شايع نه ڪرائي سگهيس.

س: اوهان جا ڪهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟

ج: هڪ ڪتاب ”حيدرآباد شهر ٽالپرن جي دؤر ۾“.

س: توهان پرووسٽ به آهيو، هيترو وڏو ادارو ڪيئن ٿا هلايو؟

ج: هر اداري جي ايڊمنسٽريٽر کي ان اداري جي نوعيت مطابق مسئلا درپيش هوندا آهن. هاسٽل جو انتظام هلائڻ جي نوعيت بلڪل الڳ آهي. هتي 24 ڪلاڪ بند رهڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي مختلف مزاج، مختلف ٻولين ۽ قومن جون نياڻيون رهن ٿيون. جن جو خيال رکڻو پوي ٿو. مسئلن جي ته ڳالهه نه پڇو، انتظام هلائڻ دؤران جيڪي مسئلا درپيش ٿين ٿا، جيڪڏهن هن جو ذڪر ڪريان ته هڪ ڪتاب لکجي وڃي، سو به هزار صفحن وارو، بهرحال اگر پنهنجي اداري سان محبت آهي ته محنت به ڪرڻي آهي، هن ايڊمنسٽريشن هلائڻ ۾ اندروني تڪليفون ته الڳ آهن. آءُ ۽ منهنجون وارڊ نرس هڪ ماءُ وانگر اوجاڳا ڪري هاسٽل جي نياڻين جو خيال رکنديون آهيون. الله تعاليٰ نيتن جو مالڪ آهي، هو اسان کي ضرور نيڪيءَ جو سلو ڏيندو.

س: سنڌ جي نياڻين لاءِ ڇاٿيون سوچيو؟

ج: منهنجي وس ۾ جيڪا چڱائي آهي، سا ته ڪندي رهندي آهيان، باقي سنڌ جي نياڻين کي آءُ تعليم يافته، هنرمند، ايماندار، باعزت، انصاف ڪندڙ، پنهنجي قدرن ۽ روايتن جو پاسدار ڏسڻ چاهيان ٿي.

س: زندگي اوهان جي نظر ۾؟

ج: زندگيءَ جي فلسفي کي اڄ تائين ڪو به سمجهي نه سگهيو آهي. ڪي چوندا آهن ته زندگي الله جي ڏنل نعمت آهي، ان جو قدر ڪريو، ڪي چوندا آهن ته زندگي تمام حسين آهي، ڪي چوندا آهن زندگي ڏکن جو گهر آهي، ڪي ماڻهو چوندا آهن ته زندگي هڪ جوا آهي، شيڪسپيئر ته دنيا کي هڪ اسٽيج سان ڀيٽ ڏني آهي ۽ انسان کي ان جي ڪردار طور پيش ڪيو ويو آهي. جناب ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب هڪ دفعي چيو هو ته ”اي زندگي تيرانام جدوجهد هي“ مذهب چوي ٿو ته دنيا امتحان گاهه آهي.

س: اوهان جي نظر ۾ اڄ جي عورت سان ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟

ج: اسان وٽ الميو اهو آهي ته اڃا تائين اسان جو معاشرو ذهني طور تي ايترو پسمانده آهي جو اهو عورت جو اڳتي وڌڻ برداشت نٿو ڪري، پوءِ ڀل اها عورت ملڪ جي وزير اعظم ئي ڇو نه بڻجي وڃي. اڄڪلهه جي عورت کي نه رڳو گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي رهيون آهن پر هوءَ معاشي مسئلن کي به منهن ڏيئي رهي آهي. جيئن عالمي سطح تي اسان جو ملڪ پوئتي پيل آهي، تيئن اسان جو معاشرو به ذهني پسماندگيءَ جو شڪار آهي.

س: توهان جي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟

ج: جوانيءَ ۾ خواهش هوندي هئم ته سڄي دنيا جو سير و سفر ڪريان ۽ سفرناما لکان. اها خواهش ته پوري نه ٿي، هاڻ ته زادِ راهه جي تياريءَ جو فڪر آهي ۽ جنت جي تمنا آهي.

س: توهان جو شاگردياڻين لاءِ ڪو پيغام؟

ج: مان شاگردياڻين کي اهو چوڻ چاهيان ٿي ته انهن کي مائٽ جنهن ڀروسي تي موڪلين ٿا. انهن جي اميدن تي پورو لهن ۽ هڪ ڌيءُ، ڀيڻ، شاگردياڻي ٿيڻ جو فرض چڱي نموني ادا ڪن.*