شاعري منهنجي زندگي آهي:عبدالغفار تبسم

حيدر علي

سنڌ کي جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته اها صوفين جي سرزمين ۽ اديب دانشورن جي علم سان ڀريل ملندي، جتي ڀٽائي جي سنڌ کي مان ڏنو وڃي ٿو، اها سهڻي سنڌ الائي ته ڪيترين ئي عظيم شخصيتن کي پنهنجي پيٽ مان جنم ڏنو آهي، انهن عظيم ماڻهن ۾ عبدالغفار تبسم پڻ هڪ آهي، جن لاڙڪاڻي جي شهر نئون ديرو ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين ۽ شاعري جي دنيا ۾ پنهنجي پاڻ کي مڃرايائين.

س: ننڍپڻ ڪيئن ۽ ڪٿي گذريو؟

ج: ننڍپڻ پنهنجي ڳوٺ نئون ديرو ۾ گذريو ۽ تمام خوبصورت يادون، اڄ به مون سان گڏ آهن ۽ منهنجو ورثو آهن.

سوال: توهان جو تخلص ”تبسم“ ڪيئن پيو؟

جواب: ننڍي هوندي کان شاعريءَ جو شوق هيو ۽ پنهنجي ئي ڪيل شاعريءَ مان اهو تخلص پئجي ويو.

س: ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري ڪئي؟

ج: ڪتاب پڙهي ۽ مطالعو ڪري هونءَ ته مان صوفي شاعر ڀٽائي ۽ روحل فقير کان ڪافي متاثر آهيان.

س: جيڪڏهن شاعر نه هجو ها ته؟

ج: شاعر نه هجان ها ته اداڪاره هجان ها.

س: زندگيءَ ڇا آهي توهان جي نظر ۾؟

ج: زندگي هڪ فطرت جي اسائنمينٽ آهي، ان کي پورو ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

س: قوم کي پنهنجي شاعري ذريعي ڪو متوجهه پيغام ڏنو آهي؟

ج: منهنجي شاعري مان سنڌ واسي جڏهن متوجهه ٿيا تڏهن مان پنهنجي شاعري ۾ امن، محبت، ٻولي ۽ ٻين ڳالهين جو پيغام ڏنو.

س: توهان جي شاعريءَ کي ڪنهن سٺو ڳايو؟

ج: منهنجي شاعريءَ کي جنهن به ڳايو آهي، روح سان ڳايو آهي، جن ۾ محمد يوسف، منظور سخيراڻي، غلام شبير سمون ۽ مظهر حسين آهن.

س: توهان جي ڪا اهڙي شاعري جيڪا زندگي جو سرمايو هجي؟

ج: منهنجي سڄي تخليق منهنجو سرمايو آهي، جيڪا عزت الله پاڪ مون کي ڏني ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سرمايو نه ٿو سمجهان.

س: زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟

ج: منهنجي ڀاءُ جو حادثو جنهن منهنجي زندگيءَ جو رخ مٽائي ڇڏيو، جنهن کي اڄ به ڳائيندو آهيان.

س: ڪڏهن اداڪاري به ڪئي؟

ج: ها بلڪل پي وي ٽي جي ڊرامن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي.

س: شاعريءَ جي خيال جي لاءِ ڇا مطالعو ضروري آهي؟

ج: شاعريءَ جي لاءِ زندگيءَ ۾ احساسن کي زنده رکڻ ضروري آهي.

س: شاعريءَ کي ڪيترو وقت ڏيندا آهيو؟

ج: مان هينئر جنهن ڪيفيت ۾ آهيان ۽ ان ۾ ائين لڳندو آهي ته منهنجو هرپل ڄڻ شاعريءَ ۾ گذرندو هجي ۽ گذرڻ کپي، اها آس آهي ته زندگيءَ جي اسائنمينٽ کي پورو ڪندي پساهه ڏيان.

س: پنهنجي قوم کي ڪو پيغام ڏيندؤ؟

ج: منهنجي قوم ۾ اميد آهي ته هميشه پنهنجي زنده ضمير سان جيئري رهندي.*