انسان جي اندر انسانيت هئڻ گهرجي:عبدالستار ملڪ

صائمه عبدالستار

انساني معاشري ۾ ڪيترائي اھڙا ماڻھو آهن جيڪي بنا ڪنهن سھاري جي اڳتي وڌي پنھنجي جدو جھد سان مڃتا ماڻين ٿا عام طور تي اهي ماڻھو به آھن جيڪي غربت ۽ پسماندگي ھوندي به محنت سان اڳتي اچن ٿا اھڙي ماڻھن ۾ عبدالغفار ملڪ جو به شمار ٿئي ٿو ضلعي نوشھرو فيروز جي شھر پدعيدن ۾ جنم وٺندڙ عبدالغفار ملڪ سنڌ يونيورسٽي مان سوشيالاجي ۾ ايم اي ڪئي ھي شاگرد سياست ۾ به سرگرم رھيو ۽ جيل پڻ ڪاٽيا اڄڪلھ سماجي ڪمن ۾ سرگرم آھي ھن وقت ھو ھڪ اين جي او جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آھي اسان ھن انٽرويو ۾ سندس اچيومينٽس ۽ جدو جھد بابت ساڻس ڳالھ ٻولھ ڪنداسين.

س: توھان کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو؟

ج: شروع ۾ سڀ ٺيڪ ھو پر پوءِ وڌيڪ تعليم ڏيارڻ ۾ مائٽن کي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پيو ۽ منھنجي مائٽن جو خيال ھوته مان ڊاڪٽر ٿيا.

س: اين جي او ۾ توھان جو اچڻ ڪيئن ٿيو توھان جو پنھنجو شوق ھو يا اتفاق ٿيو؟

ج: جئين ته منھنجي مائٽن جو خيال ھو ته مان ڊاڪٽر ٿيان پر منھنجو شوق ھو ته مان سماجي ڪم ڪيان جنھن جي ڪري مان اين جي اوز ڏانھن وڌيڪ لاڙو ھو ۽ منھنجي ڀائرن جو به خيال ھو ته مان اين جي اوز ۾ وڃان.

س: توھان جي اين جي او جي پورو نالو ڇا آھي؟

ج: اسان جي اين جي اوز جو پورو نالو سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي آھي جيڪا سنڌ جي ترقي لاءِ ڪم ڪندي آھي.

س: توھان جي ھن پروگرام جو مقصد ڇا آھي؟

ج:اسان جي پروگرام جو ڪم ۽ مقصد آھي ته سنڌ جي ڏتڙيل طبقي جي مالي سھائتا ڪئي وڃي ۽ انھن کي مالي طور تي متحق ڪري انھن جي مدد ڪئي وڃي ته جئين هو ھن معاشري ۾ عزت جي نگاھ سان ڏٺا وڃن.

س: توھان کي فنڊز ڪٿان ملندا آھن؟ 

ج: اسان کي سڌريل ملڪن مان غريب ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ڪم جي لاءِ فنڊز ڏنا وڃن ٿا خاص طور تي سڌريل ملڪن جا ماڻھو به اھڙين سماجي ڪمن جي لاءِ دل کولي فنڊ ڏيندا آھن ۽ گھڻا فنڊز آمريڪا ڏيندو آھي.

س: توھان پنھنجي ڪارڪردگي مان ڪيتري حد تائين مطمئن آھيو؟

ج: ڪوبه ماڻھو پنھنجي ڪارڪردگي مان 100 سيڪڙو مطمئن ته نه ھوندو آھي پر ان کي سوءِ سيڪڙو يقين ھوندو آھي ته ھو جيڪو سٺو ڪم ڪرڻ وڃي پيو اھو ٻين جي ڀلائي لاءِ آھي ان جي مان به پنھنجي ڪيل ڪمن ڪارن مان 100 سيڪڙو مطمئن آھيان ته اھي سڀ ٻين جي ڀلائي ۽ بھبود لاءِ آھن جنھن سان مون کي دلي خوشي محسوس ٿيندي آھي.

س: جڏھن توھان غريب ماڻھن جي تڙيل حالت ڏسندا آھيو ته ڇا محسوس ٿيندو آھي؟

ج: انسان اندر انسانيت هوندي آهي ته ان کي معاشري ۾ ننڍي برائي به ڏک ڏيندي آھي مان به انسان آھيان    ته پنھنجي ئي ماڻھن کي ڏک ۽ تڪليفن ۾ ڏسي تمام افسوس ٿيندو آھي ۽ ڪم ۾ ڪرڻ اڃا به وڌيڪ جستجو پيدا ٿيندي آھي ته وڌ کان وڌ انساني ڀلائي جا ڪم ڪجن.

س: آخر ۾ پڙھندڙن کي ڪھڙو پيغام ڏيڻ چاھيندا؟

ج: مان پنھنجي پڙھندڙن کي اھو پيغام ڏيندس ته اھي ھميشه انساني ڏکن کي پنھنجي اندران محسوس ڪن ۽ انھن جي بھبود ۽ ڀلائي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪن ته جئين اسان جي ھن معاشري جون برايون ختم ٿي سگھن.