علم انسان کي شعور ڏئي ٿو:نسرين طاهر وفائي

خالد ميراڻي

هن دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان ملندا جيڪي ڪاميابين کي ڇُهي اڳيان وڌندا رهن ٿا ۽ انهن مان ڪافي اهڙا انسان به ملندا جيڪي پاڻ سان گڏوگڏ ٻين کي به ڪامياب ڏسڻ چاهين ٿا ۽ انهيءَ راهه ۾ هو انهن جي ڀرپور رهنمائي پڻ ڪن ٿا ۽ چاهين ٿا ته هر عام انسان به ڪاميابيءَ جي چوٽيءَ کي ڇُهي ۽ بهترين نموني سان معاشري ۾ ترقي ۽ خوشحالي ماڻي. اهڙي طرح نسرين طاهر وفائي به هڪ آهي جيڪا پيشي طور هڪ استاد آهي، جنهن پنهنجي اک 1 نومبر 1968ع تي ضلع شڪارپور جي ننڍڙي ڳوٺ جندي ديري ۾ عبدالقادر ڀٽو جي گهر ۾ کولي، جيڪو پنهنجي ڳوٺ جو زميندار هو، انهن ڳوٺ ۾ رهڻ جي باوجود به پنهنجي تعليم ڀرپور نموني سان مڪمل ڪئي جنهن ۾ ڪا به رڪاوٽ نه آئي سنڌ جي ننڍڙن ڳوٺن ۾ عورتن کي نه پڙهايو ويندو آهي اگر پڙهايو به وڃي ته هو نه هجڻ جي برابر هوندو آهي، پر نسرين وفائي پنهنجي جدوجهد برقرار رکي ۽ تعليم پرائي ۽ نوڪري پڻ ڪري رهي آهي ۽ اڄ هوءَ حيدرآباد جي رهواسڻ آهي.

س: اوهان جي تعليم جي شروعات ڪڏهن کان ٿي ۽ توهان ڪيتري تعليم پرائي آهي؟

ج: منهنجي تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ جندي ديري کان ٿي جتي پرائمري تعليم پاس ڪري، 1976ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪئي، ۽ ڪاليج پڻ اتان پوءِ بي اي، ايم اي سنڌي ۽ بي ايڊ پڻ سنڌ يونيورسٽي مان ريگيولر ڪئي.

س: توهان کي نوڪري ڪڏهن کان ملي ۽ توهان استاد ٿيڻ ئي ڇو پسند ڪيو؟

ج: مون کي پهريان نوڪري گورنمينٽ گرلز اسڪول ڪراچي ۾ ملي جيڪا شاديءَ بعد مون ڇڏي ڏني ۽ هاڻ نوڪري سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول ۾ 1997ع کان ڪيان پئي، استاد هجڻ منهنجو ننڍي هوندي کان شوق هو، ڇو ته استاد ئي پنهنجي محنت ۽ محبت سان ٻارن جا ذهن مثبت راهن ڏانهن موڙي سگهي ٿو.

س: اوهان جيڪي ڪتاب لکيا آهن اهي ڪهڙا ڪهڙا آهن؟

ج: مون ڇهه ڪتاب لکيا آهن جن مان چار ڇپجي چڪا آهن، 1. اسان ۽ اسان جو گهر (گهريلو ٽوٽڪن تي مشتمل آهي)، 2. ننڍڙا سهڻا ٻار پيارا (ٻاراڻا بيت آهن)، 3. جندو منهنجي جند (منهنجي يادگيرين تي مشتمل آهي)، 4. هنر مند هٿ (هن ۾ مختلف هٿ جو هنر سيکاريل آهي).

س: اوهان جو ٺاهيل سامان صرف اوهان تائين محدود آهي يا توهان ان کي ٻاهر به موڪليو ٿا وڪري لاءِ؟

ج: منهنجو ٺاهيل سامان وڪڻڻ منهنجو شوق آهي ڪاروبار ناهي، مان صرف شوقيه طور ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ سامان جون نمائشون لڳايون جيڪو مون کي پسند آهي.

س: توهان جي تيار ڪيل سامان جي گذريل سال ٻه دفعا نمائش به لڳي چڪي آهي ته ان ۾ اوهان کي ماڻهن کان ڪيتري موٽ ملي؟

ج: مون کي ماڻهن مان سٺي موٽ ملي مون نمائش ۾ هينڊ بيگز، ڪشن، سَوَڙيون، پرس ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون رکيون هيون، جنهن کي ماڻهن ڏاڍو پسند ڪيو ۽ سڀ ڪجهه خريد ڪري ورتو جنهن سان مون کي بيحد خوشي ٿي.

س: توهان هڪ عام ۽ فالتو شيءِ کي خوبصورت شڪل ڏيو ٿيون اهو عمل توهان ڪنهن کان سکيو؟

ج: ان قسم جي عمل کي ري سائيڪلنگ چئبو آهي، سنڌ جون عورتون استعمال ٿيل ڪپڙي مان رِليون وغيره ٺاهين ٿيون تنهن کي ريسائيڪلنگ چئبو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه مون پنهنجي دلچسپي ۽ شوق مان سکيو آهي.

س: اوهان ڇا ٿا سمجهو ۽ سوچيو ته هڪ نياڻي کي تعليم ڏيارڻ سان ڪهڙا فائدا ملن ٿا؟

ج: علم انسان کي شعور ڏئي ٿو، استاد بڻائي ٿو ان ڪري تعليم عورت لاءِ به اوتري ئي ضروري آهي جيتري مرد لاءِ، هونئين به چوندا آهن ته هڪ مرد جي تعليم هڪ فرد جي تعليم آهي پر هڪ عورت جي تعليم پوري خاندان جي تعليم آهي، هڪ عورت پنهنجي ٻچن جي تربيت بهتر نموني سان ڪري معاشري ۾ سڌارو آڻي سگهي ٿي.

س: توهان گذريل دور کي ڏسي هن دور تي نظر وجهو ته معاشري ۾ ڪهڙيون تبديليون نطر اچن ٿيون ۽ ان جو عورتن تي ڪيترو اثر پيو آهي؟

ج: اڄ جي عورت زندگي جي محاذ تي وڙهي رهي آهي ان تي گهر ۽ ٻاهر جون ذميواريون وڌيل آهن پر ان سان گڏوگڏ اڄ جي عورت ٽي وي جي حوالي پڻ ٿي وئي آهي اهو وقت جو زيان آهي، پنهنجي وقت کي صحيح ڪمن ۾ لڳائجي تفريح به ضروري آهي پر ڪنهن حد جي اندر.

س: اوهان جي زندگي جو ڪو يادگار لمحو جيڪو اڻ وسرندڙ هجي؟

ج: جڏهن مون تعليم مڪمل ڪئي، جڏهن منهنجو پهريون ڪتاب ڇپيو ۽ جڏهن منهنجو پنهنجو گهر ٺهيو اهڙا ڪيترائي يادگار لمحا آهن جيڪي اڻ وسرندڙ آهن.

س: توهان جو پسنديدا شاعر يا ليکڪ ڪهڙو آهي؟

ج: ڪو هڪ ناهي گهڻائي آهن محمود مغل ۽ شاهه عبداللطيف جا ڪتاب آهن، شاهه جي رسالي سان عشق ۽ عقيدت آهي محمود مغل جو خواب نگر سندن دل ۾ لٿل آهي.

س: آخر ۾ توهان پنهنجي شاگردن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟

ج: وقت نه وڃايو زندگي تمام مختصر آهي، هرهڪ پل مان فائدو وٺو پڙهو لکو، هنر سکو، انسانن جي ڪم اچو، پنهنجي ذات مان ٻين کي فائدو ڏيو، خدا جو خوف دل ۾ رکو ۽ خوش رهو.*