تعليم ۾ ميرٽ جو هئڻ لازمي آهي:حسن علي خاصخيلي

عشرت جروار

چوندا آهن ته جيڪو لوهه گهڻي دير بٺيءَ ۾ رهندو آهي ته اهو ايترو ته جٽاءُ دار هوندو آهي جو ان کي وڏيون وڏيون عمارتون به ڪونه موڙي سگهنديون آهن. اهڙي نموني جيڪو ماڻهو هن معاشرتي بٺي ۾ پچي نروار ٿيندو آهي اهو به انهيءَ لوهه وانگر مظبوط سخت ٿي پوندو آهي جو معاشري جا وڏا وڏا ٿنڀ به ان تي ڀاڙڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.

سچ پچ ته اهڙن ئي نڊر، محنت وند، قابل، جستجو ڪندڙ ۽ هر وقت ٻين جي لاءِ پتوڙيندڙ هن معاشري جي چمن جا انمول گل هوندا آهن. جنهن جي هٻڪار ۽ هڳاءُ سان پوري معاشري جي من اندر جي ڪيني کي دور ڪرڻ ۾ مگن رهن ٿا اهڙي ئي مڻيادار ۽ نڊر ماڻهن مان علي حسن خاصخيلي به هڪ آهي.

پاڻ ٽنڊو الهيار جي ڳوٺ ڪامارو شريف ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم سندس ڳوٺ مان حاصل ڪئي. انٽر جي تعليم ٽنڊو الهيار ۽ ايم ايس سي باٽني شعبي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. هينئر ايس ايم بوائز ڪاليج ٽنڊو الهيار ۾ پرنسپال جي حيثيت ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

س: پڙهائي دوران ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو؟

ج: پڙهائي دوران تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون. خاص طور تي يونيورسٽي جي پڙهائي دوران صبح جو يونيورسٽي ۽ شام جو درزڪو ڪم ڪندو هئس.

س: اڄ ڪلهه سرڪاري ادارن کان وڌيڪ خانگي ادارن کي ڇو اهميت ڏني ٿي وڃي؟

ج: منهنجي نظر ۾ خانگي ادارن ۾ ڪاروبار ٿو هلي، اهي پنهنجي ادارن جي ايڊورٽائيزنگ ڪندا آهن ۽ خانگي ادارن ۾ هڪ چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام آهي جيڪا اسان کي سرڪاري ادارن ۾ ڳولي به نٿو ملي ۽ سرڪاري پرنسپال وٽ پنهنجي اٿارٽي ناهي هوندي ۽ اسان وٽ اڪثريت هيٺين طبقي جي ٻارن جي هوندي آهي.

س: اسان جي تعليمي نظام پوئتي هئڻ جو سبب ڇا آهي؟

ج: سنڌ ۾ تعليمي نظام پوئتي ٿيڻ جا ٽي ڪارڻ آهن جنهن لاءِ والدين، استاد ۽ اسان جو معاشرو ذميوار آهي. استاد چڱي طرح نٿو پڙهائي جنهن جي ڪري هو نقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ والدين ٻارن کي پئسن عيوض جعلي ڊگريون به وٺي ڏيڻ کان نٿا ڪيٻائين ۽ تعليمي نظام ۾ سياست جو هڪ وڏو ڪارڻ آهي.

س: توهان پرنسپال آهيو، ايترو وڏو ادارو ڪيئن ٿا هلايو؟

ج: هڪ اداري کي هلائڻ لاءِ ٽيم جي ضرورت هوندي آهي ۽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ پنهنجي ڪم سان ايمانداري ۽ وفاداري لازمي هئڻ گهرجي ۽ اداري جي مٿين اسٽاف وانگر هيٺين ملازمن کي به عزت ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ سان تمام بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا.

س: تعليم جي معيار کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو؟

ج: تعليم جهڙي مقدس پيشي ۾ ميرٽ جو هئڻ تمام لازمي آهي. جنهن جي ڪري سياسي اثر رسوخ تي ڀرتيون، پئسن تي سيٽن جو هڪ ٺيڪو ۽ ٻيا خراب ڪمن کي پاڙڻ کان نيست نابود ڪرڻ جي ضرورت آهي. اداري جي اڳواڻ کي هر طرح جا اختيار هجڻ گهرجن، امتحاني بورڊن مان ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ والدين کي به گهرجي ته هو به ڪاپي جهڙي موذي مرض کان پنهنجي ٻارن کي بچائين ۽ اهڙي عمل ڪرڻ کان سختي سان روڪين.

س: هڪ استاد معاشري ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگهي ٿو؟

ج: استاد جيڪڏهن پنهنجون ذميواريون سهڻي نموني نڀائي ته هو تعليم جو ذريعو بڻجي ٿو ۽ پنهنجي پاڙي، خاندان ۽ معاشري توڙي پنهنجي شاگردن جي تمام بهتر نموني رهنمائي ۽ نشو و نما ڪري سگهي ٿو. استاد جي ڪري تعليمي نظام ۾ بگاڙ ۽ ان جي ڪري ئي بهتري اچي سگهي ٿي.

س: زندگي جو ڪو يادگار لمحو؟

ج: ننڍپڻ ۾ غربت ۾ گذاريل لمحو ڪڏهن به نظرن کان اوجهل نٿو ٿئي شايد ئي اهڙا لمحا ڪنهن کي شل الله سائين نه ڏيکاري.

س: زندگي توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟

ج: منهنجي نظر ۾ زندگي تمام خوبصورت خواب آهي جنهن کي انسان حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندو رهندو آهي. پر زندگي هڪ اڻ کٽندڙ ۽ حسين لمحن جو مجموعو آهي. جنهن کي بهتر بنائڻ هرهڪ انسان جو خواب هوندو آهي. پر اهو خواب پوري نموني ڪڏهن به ساڀيان نٿو ٿئي.

س: آخر ۾ توهان شاگرد کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: هر هڪ شاگرد کي پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي ۽ اهي شاگرد ئي ڪاميابي ماڻيندا آهن جيڪي تمام گهڻي محنت ڪندا آهن.*