پاڪستان ۾ فصلن جو بج ٻاهران گهريو ويندو آهي:ذولفقار علي مجيداڻو

منظور احمد مجيداڻو

ذوالفقار علي مجيداڻو 6 جولاءِ 1981ع ۾ ٽنڊو الهيار جي ڳوٺ الله بخش ارباب ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي گورنمينٽ مسجد پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول خير محمد جروار مان ۽ انٽر 1999ع ۾ گورنمينٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار مان پاس ڪئي. زراعت پڙهڻ لاءِ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ويو. 2006ع ۾ ايم ايس سي پلانٽ بريڊنگ شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ۽ ريسرچ (ٿيسز) ڪڻڪ تي ڪئي. ڊگري ملڻ کان پوءِ پاڻ ايگريڪلچر يونيورسٽي طرفان ريسرچ فيلڊ تحت بريڊنگ جي شعبي ۾ ڏهن ايڪڙن جي ريسرچ ٽرائلن ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ ڪڻڪ جا ٽرائل لڳا ويا پاڻ انهيءَ ۾ مختلف ٽيڪنالوجي استعمال ڪري پوري پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي حوالي سان وڌ کان وڌ پيداوار 75 مڻ في ايڪڙ حاصل ڪري رڪارڊ حاصل ڪيو. وزير اعظم سندن محنت جي ڪري شيلڊ ۽ روڪ انعام ڏنو.

2008ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري ايگريڪلچر ريسرچ ۾ پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس جي شعبي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي اسلام آباد ۾ مقرر ٿيو.

س: توهان ايگريڪلچر جو شعبو ڇو چونڊيو؟

ج: پاڪستان جي معيشت 75 سيڪڙو زراعت تي ٻڌل آهي ۽ 24 سيڪڙو جي ڊي پي زرعي پيداوار ڏيندو آهي. ملڪ جي زراعت کي هٿي ڏياري وڃي ته خود به خود سڀئي شعبا ترقي ڪندا انهيءَ لاءِ مون زراعت جو شعبو چونڊيو.

س: توهان جو بريڊنگ جي طرف لاڙو ڪيئن ٿيو؟

ج: اسان جي پوري ملڪ ۾ ٻج جو وڏو مسئلو آهي خاص طور تي ڀاڄين جي ٻج جي تمام گهڻي گهٽتائي آهي 90 سيڪڙو ڀاڄين جو ٻج ٻاهران گهرايو ويندو هو جيڪو هاڻي 70 سيڪڙو تي پهچي ويو آهي اميد آهي اڃان به گهٽ ٿيندو.

س: توهان ڪهڙي ٽيڪنالاجي اختيار ڪندا آهيو جنهن جي ذريعي وڌ کان وڌ پيداوار ۾ اضافو ٿئي ٿو؟

ج: زمين جي ليول جو وڏو مسئلو هوندو آهي جنهن کي ليزر ليولنگ مشين تحت زمين کي ليول ڪيو ويندو آهي بعد ۾ ٻج جو وڏو ڪردار هوندو آهي پيداوار جي شرح وڌائڻ لاءِ هڪ بريڊر صحيح رهنمائي ڪري سگهي ٿو.

س: توهان ايگريڪلچر جي ميدان ۾ نه هجو ها ته ڇا هجو ها؟

ج: جيڪڏهن آئون زراعت جي ميدان ۾ نه هجان ها ته هڪ آرمي آفيسر طور ڪم سرانجام ڏئي رهيو هجان ها.

س: توهان سنڌ جي زرعي نظام کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: سنڌ جون زمينون ٻين صوبن کان بهتر آهن ۽ سنڌ ۾ هميشه پاڻي جو وڏو مسئلو رهيو آهي جنهن سبب ڪافي ايراضي پوکي نه ويندي آهي پوءِ به ٻين صوبن کان وڌيڪ پيداوار ڏئي ٿو. جيڪڏهن ننڍن زميندارن کي زرعي سکيا ۽ زرعي سهولتون ڏنيون وڃن ته انهيءَ ۾ ڪافي بهتري اچي سگهي ٿي. انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جو زرعي نظام ڪافي بهتر آهي.

س: پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب زرعي نظام کي ڪهڙو نقصان رسيو آهي؟

ج: ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان زرعي زمينن کي ٿيو آهي جيڪي به فصل هئا اهي سڀ تباهه ٿي ويا پاڪستان جي معيشت جو گهڻو دارو مدار ڪپهه جي پيداوار تي آهي جيڪا 80 سيڪڙو تباهه ٿي وئي آهي ان کان علاوه ڪمند ۽ فروٽن کي پڻ نقصان رسيو آهي. جنهن سبب پاڪستان زراعت جي ميدان ۾ 20 سال پوئتي هليو ويو آهي انهيءَ ڪري کاڌي جو وڏو بحران ٿيندو ۽ مهانگائي وڌي ويندي ان کان علاوه ٻوڏ جي پاڻي جي ڪري فصلن ۾ تمام گهڻا جيت ۽ مختلف قسمن جون بيماريون پڻ پيدا ٿينديون.*