ڏکئي وقت کي صبر سان منهن ڏنوآهي:شيراز احمد شيخ

عبدالغفار ابڙو

سنڌ اها عظيم ڌرتي آهي جنهن کي نبي پاڪ صه کان وٺي بزرگن جي دعا آهي ۽ هي ڌرتي امن جي ڌرتي جي نالي سان سڃاتل آهي جنهن ڪيترن ئي امن پسند ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، شيراز احمد شيخ پڻ انهن مان هڪ آهي، شيراز احمد شيخ هڪ اهڙي شخصيت آهي، جنهن دور ۾ پنهنجي لاءِ نه پر غريب بيوس لاچار ماڻهن لاءِ وقت گذاريو آهي. شيراز احمد شيخ 1955ع ۾ راڻيپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پالاري ۾ هڪ غريب حافظ نبي بخش شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو، شيراز احمد شيخ پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، پوءِ 1970ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان راڻيپور شهر مان حاصل ڪيائين ۽ 1973ع ۾ انٽر پاس ڪيائين، هي زندگيءَ جا ڏکيا مرحلا گذاريندو رهيو ۽ پنهنجا حوصلا برقرار رکيا، ان کان پوءِ 1977ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪري پنهنجي تعليم پوري ڪئي، وقت سان گڏوگڏ ان ساڳيءَ ريت شيراز احمد شيخ جون به سوچون تبديل ٿيون، ائين پنهنجي دوستن ۽ اين جي اوز جي سهڪار سان هڪ مفت تعليم ڏيڻ جو ڏيئو ٻاريو، اهو ڏيئو ٻرندو رهيو، هن وقت 1500 جي لڳ ڀڳ ٻارن کي مفت تعليم ڏئي رهيو آهي.

سوال: توهان جي تعليم جي شروعات ڪڏهن کان ٿي ۽ توهان ڪيتري تعليم حاصل ڪئي؟

جواب: آءُ پنهنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ پالاري ۾ حاصل ڪئي ۽ مون محنت، جوش ۽ جذبي سان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي.

س: توهان جو ٻارڙن ۾ مفت تعليم ڏيڻ جو خيال ڪيئن آيو؟

ج: منهنجو اهو خواب ننڍپڻ کان ئي هو ، ڇاڪاڻ جو مان غريب هجڻ ڪري يونيورسٽي سطح تائين تعليم حاصل نه ڪئي، ان ڪري اهو خواب ننڍپڻ کان ئي هو.

س: توهان جيڪا ٻارڙن کي مفت تعليم ڏئي رهيا آهيو، ان جي لاءِ  ڪو توهان سان سهڪار ڪري ٿو؟

ج: جي ها، اهو ٻي اسڪول جي سهڪار سان ئي هلي رهيو آهي، ڪجهه دوست ۽ اين جي اوز مدد ڪري رهيا آهن، انهن جي ئي مدد سان هي اسڪول هلي رهيو آهي.

س: توهان کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو؟

ج: مان زندگي جي لوح لمحي کي صبر سان منهن ڏنو آهي، ۽ مان پنهنجي تعليم جو خرچ پاڻ ڪندو هئس ۽ مان شام جي وقت هڪ اٽي جي چڪيءَ تي مزدوري ڪري تعليم جو خرچ ڪڍندو هيس.

س: معاشري ۾ تعليم جي اهميت ڇا آهي؟

ج: هن معاشري ۾ تعليم جي وڏي اهميت آهي، هن معاشري ۾ تعليم نه هوندي ته هتي وحشت ۽ وبال تمام / ڏسو صفحو....4 گهڻي ٿي ويندي، تنهن ڪري معاشري ۾ تعليم جو هجڻ لازمي آهي.

س: توهان جو پسنديده شاعر ڪير آهي؟

ج: منهنجو پسنديده شاعر اياز شيخ آهي جنهن پنهنجي شاعري ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي.

س:  آخر ۾ نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

ج: نوجوانن کي گهرجي ته سخت محنت ڪن ته جيئن اسان جي ملڪ جو نالو روشن ٿي ۽ وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪن ته جيئن اهي حق ۾ ڪامياب ٿين.*