آذادي اها جيڪا ترقي ڏانهن وٺي وحيي:ذولفقار شاه

پونم لغاري

 چوندا آهن ته ”چوڻ ۽ ڪرڻ“ ۾ وڏو فرق آهي. واقعي جيڪڏهن انهيءَ چوڻي کي ڏٺو وڃي ته چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ واقعي وڏو فرق آهي. ڪي ماڻهو رڳو چوندا آهن پر عملي طرح بلڪل نه هئڻ برابر هوندا آهن ”جو گرجتي هين وه برستي نهين“ جيڪڏهن ان چوڻي کي به ڏسون ته ڳالهه صاف نظر ايندي ته معاشري ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو نظر ايندا جيڪي معاشرتي براين ۽ پنهنجي وطن کي ترقي ڏانهن گامزن ڪرڻ جون ڳالهيون نه بلڪ عملي قدم کڻي پنهنجو عزم ظاهر ڪندا آهن، اهڙن ئي ڪجهه باشعور ۽ عملي ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ ذوالفقار شاهه جو نالو به هڪ آهي.

پاڻ 28 جون 1977ع ۾ پيدا ٿيا، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايم اي فلاسافي سنڌ يونيورسٽي ۽ پاڻ ايم فل ڊولپمينٽ سيڪٽر ڪن ۾ پيا. پاڻ صحافت ۽ اين جي اوز سان لاڳاپيل رهيا آهن. عبرت، ڪاوش، ڊان ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪالم نگار به رهيا آهن، عبرت ۽ ڪاوش اخبار ۾ ايڊيٽوريل پيج جا انچارج پڻ رهيا آهن. پاڪستان جي مختلف اين جي اوز ۾ ڪم ڪري چڪا آهن جنهن ۾ سيپ، فشر فولڪ فورم ۽ ٻين اين جي اوز ۾ ڪم ڪري چڪا آهن. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سوشل مومينٽ جي نالي سان هڪ اين جي اوز هلائي رهيا آهن.

ڪيترائي ڪتاب لکي چڪا آهن جنهن ۾ انڊس ڊيلٽا اينڊ انوائرنمينٽ اسٽيٽمينٽ، وار پيپل اينڊ پروٽيسٽ ۽ اين منسهات آن انڊس ڊيلٽا شامل آهن.

س: توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟      

ج: جيئن ته منهنجو تعلق سيد گهراڻي سان آهي ۽ منهنجا والدين وچولي طبقي جا زميندار هئا جنهن جي ڪري ننڍپڻ بهترين نموني گذريو پنهنجو ننڍپڻ اڃا نٿو وسري.

س: توهان جو اين جي اوز جي شعبي ڏانهن اچڻ ڪيئن ٿيو؟

ج: ان شعبي ۾ ترقي جا جيڪي به ذريعا آهن انهن سان ملڪ کي گهربل فائدو نه مليو آهي. مان به انهيءَ مقصد جي خاطر ان شعبي ڏانهن آيس آئون سمجهان ٿو ته جيستائين ننڍيون ننڍيون تحريڪون نه هلنديون ته پاڪستان ۾ ترقي نه ٿي سگهندي.

س: اوهان جي انسٽيٽيوٽ جو اهم مقصد ڇا آهي؟

ج: آئون ان راءِ جو حامي آهيان ته اين جي اوز هڪ ڊولپمينٽ سيڪٽر آهي اهو ٺيڪ آهي ان سان گهربل ڪي فائدا نه مليا آهن، جيستائين باقاعده تحريڪ نه هلائي ويندي تيستائين ڪجهه حاصل نه ٿيندو ۽ اسان جا بنيادي مقصد آهن:

ماڻهن کي معاشي خود مختياري هجي.

ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ تحرڪ ۾ اچن.

سنڌ، پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ باهمي رابطو قائم ڪيو وڃي.

س: اين جي اوز جي ڪردار مان ڪيتري حد تائين مطمئن آهيو؟

ج: منهنجي خيال ۾ ته ان جو ڪردار سٺو آهي، جيڪو سيڪيولر ازم تي مشتمل آهي ان باوجود ڪجهه اُڻايون آهن پر اين جي اوز لبرل ۽ حقيقي ايجنڊا کي فوڪس ڪري ٿو جيڪو پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط شڪل۾ نظر اچي ٿو. اڃا به ان ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

س: توهان جي انسٽيٽيوٽ جون شروعاتي ترجيحات ڪهڙيون آهن؟

ج: اسان جي اين جي اوز کي اڃا چار مهينا ٿيا آهن پر ان باوجود به، اسان هارين ۽ مزدورن جي وچ ۾ رابطا قائم ڪري مشاوراتي بيٺڪون ڪرايون آهن، 18 ترميم تي ويهڪون ڪرايون آهن، سنڌ جي ٻارن جي جيڪي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا آهن انهن کي ميڊيڪل سهولتون ڏنيون آهن، سائوٿ ايشيا جي مختلف تحريڪن جو حصو ٿيا آهيون، هڪ پٽيشن داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ آئين ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي حمايت ۽ آئين ۾ موجود قرارداد مقاصد کي تبديل ڪرڻ واري پارلياماني اختيار جي حمايت ڪئي آهي ۽ اسان جو وڌيڪ ارادو نوجوان نسل کي اڳيان آڻڻ آهي جنهن جي لاءِ اسان پنهنجي پاليسي جوڙي ڇڏي آهي.

س: هڪ سٺي صحافي ۾ ڪهڙيون خصوصيتون لازمي هجڻ گهرجن؟

ج: هڪ معياري صحافت گهڻ رخي ڄاڻ کان علاوه ناممڪن آهي جنهن ڪري هڪ صحافي کي هر طرح سان گهڻ رخو هجڻ لازمي آهي.

س: پسنديده ليکڪ ۽ شاعر ڪهڙا آهن؟

ج: ائين ته گهڻائي آهن پر شاعرن ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، وارث شاهه، رومي، وليم ليٽ، سنت ڪبير ۽ ٻيا پسند آهن، جڏهن ته ليکڪن ۾ اورهان پامو، پالو ڪوهلو، فريڊڪ لوريڪه گوريشه مارڪيز، ايني ۽ ٻيا به پسنديده ليکڪ آهن هر اهو ليکڪ ۽ شاعر پسند آهي جيڪو معياري لکڻيون لکي ٿو.

س: زندگي توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟

ج: منهنجي نظر ۾ زندگي هڪ شڪل کان ٻي شڪل ڏانهن وڃڻ جو نالو آهي زندگي ٻن پهاڙن جي وچ ۾ وجود ۽ عدم وجود واري خالي جڳهه آهي.

س: توهان سنڌ جي موجوده صورتحال کي پنهنجي فلسفي ۾ ڪيئن آڻيندا؟

ج: اها آزادي جيڪا ترقي ڏانهن وٺي وڃي.

س: آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

ج: آئون ٻه ڳالهيون چوڻ چاهيندس ته هر نوجوان ٽن ڪمن کي سمجهي، پاڻ سڃاڻي، قدرت کي سڃاڻي ۽ خلقت (عوام) کي سڃاڻي ۽ ٻيو ته سنڌي شاگرد جيڪي پنهنجي پاڻ کي مد مقابل شاگردن جيئن ڍاڪا يونيورسٽي، قائداعظم يونيورسٽي، نهرو يونيورسٽين جي شاگردن سان ........ جيستائين ائين نه ڪندا ان وقت تائين ملڪ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهن.*