ملڪي ترقي لا۽ ٽائيپ بابو جي نه پر محققن جي ضرورت آهي:رڪ سنڌي

عطا الله

جيڪڏهن اسين پنهنجي چؤ طرف نظر گهمائينداسين ته اهڙيون شخصيتون ملنديون جن پنهنجي سڄي زندگي هنر سکڻ، علم پرائڻ ۽ خدمت خلق جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. انهن منجهان منگي عرف رُڪ سنڌي به هڪ آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ادب ۽ صحافت جي شعبي ۾ گذاري. پاڻ 5 آگسٽ 1961ع تي شهر ڪنڊيارو، ضلعي نوشهرو فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ جنم ورتو. پرائمري کان انٽر تائين تعليم ڪنڊيارو شهر مان حاصل ڪرڻ بعد ۾ ڊگري ڪاليج نواب شاهه بي ايس سي پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ مان 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن پڻ ڪئي.

س: اوهان جو نالو رُڪ سنڌي ڪيئن پيو؟

ج: آئون جڏهن سياسي لٽريچر پڙهيو ۽ خاص ڪري سوشلزم ۽ سوويت انقلاب بابت مطالعو ڪيو ته اڳوڻي سوويت يونين جي اڳواڻ جي رف اسٽال کان تمام گهڻو متاثر ٿيس، جنهن جي نالي پويان ئي پنهنجو نالو ”رُڪ سنڌي“ اختيار ڪيو، جيڪو اڄ ڪلهه اصل نالي تي غالب اچي چڪو آهي.

س: اوهان صحافت جي شعبي ۾ آهيو، ان ۾ اچڻ جو پنهنجو شوق هو يا ڪنهن کان متاثر ٿي ان شعبي (صحافت) کي اختيار ڪيو؟

ج: آئون جولاءِ 1990ع ۾ روزاني عوامي آواز جي سب ايڊيٽر طور صحافت جو شعبو اختيار ڪيو. ان کان اڳ پنهنجو لکڻ جو شوق هجڻ ڪري رسالن، اخبارن ۾ ڪالم، مضمون لکندو رهندو هوس، جنهن ڪري صحافت جي شعبي سان واسطو قائم ٿيو. ان وقت سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ صحافي جناب فقير محمد لاشاري عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو اخبار جو بلڪل شروعاتي دور هو. منهنجي فقير صاحب سان هلال پاڪستان ۾ لکڻ جي ناتي واسطيداري قائم ٿي. هڪ ڏينهن پاڻ عوامي آواز اخبار جي آفيس ۾ وٺي هليا ۽ شام جو واندو هجڻ جو ٻڌي انهيءَ ڏينهن عوامي آواز ۾ ملازمت ڏني، اهڙي طرح آئون اديب ۽ ليکڪ بعد صحافي به ٿي ويس. فقير محمد لاشاريءَ جو سڀاءُ ئي منهنجو هن شعبي ۾ اچڻ جو اڪيلو سبب هو.

س: توهان روزاني عوامي آواز کان علاوه ٻين ڪهڙين اخبارن ۾ ڪم ڪيو؟

ج: آئون روزاني عوامي آواز کان علاوه روزاني سنڌ سجاڳ، روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ، روزاني تعمير سنڌ ۽ روزاني سنڌ اخبار حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ هن وقت به روزانو سنڌ حيدرآباد سان لاڳاپيل آهيان.

س: هن وقت اوهان جنهن شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن ان شعبي (صحافت) ۾ نه هجو ها ته ڪهڙي شعبي کي ترجيح ڏيو ها؟

ج: آئون بنيادي طور تي اديب ۽ ليکڪ آهيان، مان شروعات کان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي. باقي نوڪريون ته پيٽ پالڻ لاءِ ڪرڻيون پون ٿيون. منهنجي هن وقت به ترجيح سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ آهي. جيڪڏهن هن شعبي (صحافت) ۾ نه هجان ته ٻيو شعبو سنڌ بابت هلندڙ تحقيق ۾ مددگار ثابت نه ٿئي ها.

س: توهان صحافت جي شعبي کي ئي ڇو اختيار ڪيو؟

ج: ڇاڪاڻ ته ان شعبي جو واسطو لکڻ پڙهڻ سان آهي ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ عوام لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ هي شعبو مددگار ثابت ٿئي ٿو.

س: توهان اڄ تائين ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، انهن جا نالا ۽ انهن ڪتابن مان توهان جو ڪهڙو ڪتاب گهڻو مشهور ٿيو؟

ج: منهنجا 6 يا 7 ڪتاب شايع ٿيل آهن، جڏهن ته سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. منهنجي لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتابن ۾ قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو، سنڌ ۽ سياسي صورتحال، سنڌ ۽ اتحاد، آزادي ۽ انقلاب، تاريخ جي لاٽ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. منهنجو ڪتاب ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“ تمام گهڻو مشهور ٿيو.

س: ڇا توهان ڪتابن جا مترجم آهيو؟

ج: مون ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن، جن ۾ بينظير ڀٽو جو ڪتاب ”پاڪستان طوفان جي گهيري ۾“ به هڪ آهي جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا.

س: توهان لکيل ڪتابن ۾ ڪهڙين ڳالهين تي گهڻو فوڪس ڪندا آهيو؟

ج: منهنجي لکڻي جو محور وطن ۽ انجانا ماڻهو آهن جنهنڪري ان موضوع تي ويجهڙائي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. پنهنجي ڌرتي جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ جاکوڙ منهنجي لکڻي جو خاص محور رهي آهي.

س: شعر ۽ شاعري ۾ ڪيترو شوق آهي؟

ج: شعر ۽ شاعري سان پڙهڻ جي حد تائين لڳاءُ آهي، خاموشي سان ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏيندو آهيان، هروڀرو واهه واهه ڪرڻ يا ڪرائڻ پسند ناهي.