اڃا به ڏوهاري رهيل آهن انهن کي به ڦاسي ملن گهر جي:جلاد شير محمد حب

منير احمد

  ابن آدم طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو چاهي خدا ان ڪم ۾ خوش هجي يا نه هجي، ان سان کيس ڪو به فرق نه پوندو آهي. ابن آدم کي صرف طاقت جي ضرورت هوندي آهي. 12 ماڻهن کي ڦاسي تي لٽڪائڻ وارو جلاد شير محمد حب 11 جولاءِ 1961ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ حب محمد علي ۾ گل محمد حب جي گهر ۾ اک کولي، شير محمد حب پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين پنج درجا پڙهڻ کان پوءِ شير محمد پڙهائي اڳتي نه وڌائڻ جو ضد ڪيو سندس پڙهائي سان دل هرگز نه لڳندي هيس! پوءِ هن جي والد صاحب هن کي فوجي ٿيڻ جا خواب ڏيکاريندو هو ته پڙهي ڪري ايوب خان وانگي فوجي ٿيندين، ان دور ۾ ايوب خان ڪافي مشهور هوندو هو، پر شير محمد هڪ ئي ڳالهه تي قائم رهيو ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جو والد دم ڌڻي جي حوالي ڪيو پوءِ هو پنهنجي مامي جي شهر گجرات هليو ويو. اتي وڃي ڪري ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتائين ۽ شام جي وقت هوٽل تي ڪم ڪندو هو. شير محمد کي ٽي سال گذرڻ کان پوءِ به هن ڇهون ڪلاس پاس نه ڪري سگهيو هو يا ته پيپرن ۾ غير حاضر رهندو هو يا نه ته فيل ٿيندو هو، ان سبب شير محمد پنهنجي پڙهائي هڪ دفعو ٻيهر ڇڏي ڏنائين ۽ هوٽل تي سڄو ڏينهن ڪم ڪندو هو. چار سال گذارڻ کان پوءِ شير محمد کي ڪنهن ٻڌايو ته جيل کي قيدن لاءِ ماني پچائڻ جون جايون آيون آهن، پو شير محمد حب جيل ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏني بعد ۾ نوڪري ملي وئي.

ڪجهه عرصو جيل ۾ قيدن لاءِ ماني پچائيندو رهيو پوءِ هن جي ڦاسي گهاٽ ۾ بدلي ڪئي وئي بعد ۾ ان جي جلاد رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن کي جلاد رکيو ويو.

س: توهان گهڻو وقت جيل ۾ ڪم ڪيو؟

ج: ايئن سمجو ته مون پنهنجي زندگي جو اڌ حصو قيدين وانگي جيل ۾ گذاريو. تقريباً 20 سال مان جيل ۾ گذاريا آهن.

س: توهان پهريون دفعو ڪنهن کي ڦاسي ڏني ۽ توهان ان وقت ڇا محسوس ڪيو؟

ج: حقيقت ۾ مون کي ڏک ان ڳالهه جي ڪري ٿئي پيو ته مان پنهنجي نظر ۾ قاتل بڻجي ويو آهيان، پر ٻئي ڳالهه جي مون کي خوشي ان ڪري به ٿئي پئي ته مان ڏوهاري کي ڦاسي تي لٽڪائي هن پاڪ سر زمين تي ظلم ڪندڙ سان انصاف ڪيو آهي.

س: جيڪڏهن توهان پنهنجي پيءُ جي رسي تي هلو ۽ ها محنت ڪيو ها ته اڄ توهان سمجيهو ٿا ته رٽائر جلاد هجو ها؟

ج: اڄ جو ماڻهو پنهنجي نصيب تي ايترو يقين ڪونه ٿو ڪري بلڪه پنهنجي محنت تي ٿو ڪري پر مان پراڻي دور جو ماڻهو آهيان ۽ ڪافي مختلف آهيان مان پنهنجي نصيب تي يقين رکان ٿو.

س: توهان جو ٽارگيٽ ڪيترو هيو ته توهان گهڻن ماڻهن کي ڦاسي تي لٽڪائيندو؟

ج: ٽارگيٽ ته منهنجو ڪو به نه هو بس مون کي ايئن لڳي پيو ته مان جلاد ٿيندس ۽ اڄ جيڪڏهن مان 12 ماڻهن کي ڦاسي ڏني آهي اهي منهنجي لاءِ تمام گهٽ آهن، ڇو ته هن ملڪ ۾ ته ڪافي ڏوهاري آهن سڀني کي ڦاسي ملڻ گهرجي.

س: جنهن هڪ انسان جو قتل ڪيو اهو سڄي ڪائنات جو قاتل آهي پوءِ توهان ته 12 ماڻهن کي قتل ڪيو آهي؟

ج: بنا ڪنهن خوف جي مسڪرائيندي، مان پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي منهنجي جاءِ تي جيڪو به هجي ها اهو ايئن ئي ڪري ها، مان ڪنهن کان پئسا وٺي ڪري ڪنهن کي قتل ته نه ڪيو آهي.

س: ڇا توهان ڪنهن بي ڏوهي قيدي کي ڦاسي ڏني آهي؟

ج: منهنجي جلاد جي عهدي تان استعيفيٰ شايد ان جي ڪڙي آهي.

س: جنهن کي توهان ڦاسي ڏني آهي يقيناً انهن جا چهرا ته توهان کي ياد ايندا هوندا؟

ج: بيشڪ مون کي انهن جا چهرا ياد ايندا آهن ڪنهن جون مُڇون وڏيون هونديون آهن ته ڪنهن جا وار ”کلي جواب ڏنائين مطلب ته خوابن ۾ منهنجو ………“ نه ته مان اهڙين شين تي يقين نه ڪندو آهيان. اڄ تائين مون سان اهڙو ڪو به حادثو پيش نه آيو آهي.

س: جيڪڏهن ذوالفقار ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ توهان کي حڪم ڏين ها ته ڇا توهان پنهنجو فرض ادا ڪيو ها؟

ج: شير گلاس پاڻي جو پي ڪري جواب ڏنائين ته ڪو به عاشق پنهنجي عشق سان بيوفائي نٿو ڪري سگهي! جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي ته مان جيل جو ملازم نه هئس، هجان به ها ته ستعيفيٰ ڏيان ها.

س: کائڻ ۾ توهان ڇا پسند ڪندا آهيو؟

ج: توريءَ جي ڀاڄي مون کي تمام گهڻي پسند هوندي آهي مان شوق سان کائيندو آهيان.

س: توهان ڪهڙو روشن پيغام ڏيندؤ پڙهندڙ کي؟

ج: ڪم صرف ڪم ڪيو چاهي جنهن کي جهڙو به ڪم ملي. جيڪو جنهن شيءِ ۾ ماهر آهي اهو ٻين جي مدد ڪري ته جيئن اسان جو ملڪ ترقي ڪري سگهي.