آرٽسٽ ء اداڪار ساقي عالم ابڙو

عبد الحق چانڊيو

سنڌ ڪيترن ئي عالمن، صوفين، بزرگن، سياستدانن، مفڪرن ۽ اداڪارن کي جنم ڏنو آهي ۽ اهو سلسلو صدين کان جاري آهي جنهن ۾ ساقي عالم ابڙو جهڙي آرٽسٽ ۽ اداڪار به هڪ آهي. ساقي عالم ابڙو اڄ پنهنجي هنر جي چڱي حيثيت سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو سندس اداڪاري ۽ آرٽ هن کي جنهن منزل تي پهچايو آهي ان منزل مان اڄ به خوش ۽ پنهنجي هنر سان لاڳاپيل آهي.

س: توهان ڪٿي ۽ ڪڏهن جنم ورتو؟

ج: توهان جي وڏي مهرباني! منهنجي پيدائش 1956ع ڌاري قمبر شهر ۾ ٿي جيڪو هينئر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر آهي ۽ منهنجي پيدائش هڪ اهڙي گهراڻي ۾ ٿي جتي سڀ تخليقي ڪم هو. منهنجو والد صاحب ڊرائنگ جو استاد هو ۽ اهو هنر اسان جو خانداني هنر هو.

س: توهان پنهنجي تعليم جي ڪٿان شروعات ڪئي؟

ج: مان پرائمري تعليم بگي ديري جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر مان ڪئي ۽ مان گريجوئيشن لاهور مان فائن آرٽس شعبي ۾ ڪئي آهي.

س: توهان آرٽسٽ مطلب ڊرائنگ جي هنر ۾ ڪڏهن پير پاتو؟

ج: جڏهن کان مون فائن آرٽ ۾ داخلا ورتي تڏهن کان وٺي مون ڊرائنگ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ مان ان هنر ۾ ايترو ته ڪامياب ٿيس جو مان اڄ به خيالي تصوير ٺاهي سگهان ٿو. مطلب ته جيڪا شيءِ ڏسندو آهيان انهيءَ کي چڱي طرح ڏسي ڪري خيال ۾ پوءِ اڪيلي ۾ ويهي ٺاهي ويندو آهيان.

س: توهان آرٽ کان علاوه اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪيئن پير پاتو؟

ج: آرٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڊرامن جا ڪردار نڀايا آهن ۽ پي ٽي وي سميت ڪيترن ئي سنڌي چئنلن تي پڻ رليز ٿي چڪا آهن ۽ هينئر به مان ڊرامن ۾ ڪم ڪيان پيو.

س: توهان جي ڪهڙن ڊرامن کي ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪامياب ٿيا؟

ج: منهنجا ڊراما پي ٽي وي تي هليا ڪجهه جيڪي تمام اڪثريت سان جن مان ڀرپور، موٽ ملي، جنهن ۾ ديوارين، جنگل، سيڙهيان، اهي منهنجا ڪامياب ترين ڊراما ٿي گذريا ۽ مون کي اداڪاري ۾ ايوارڊ پڻ مليا.

س: توهان جا ڪيترا ڊراما رليز ٿي چڪا آهن؟

ج: منهنجا اڍائي سئو کان وڌيڪ ڊراما هلي چڪا آهن اڪثر ڪري مون ڊرامن ۾ چريئي، پاڳل وارا ڪردار ادا ڪيا آهن، جيڪي مون کي پسند هئا ۽ مان خاص ڪري چريائپ وارو ڪردار ڊرامن ۾ ڪيو ۽ اهو ڪردار مان چڱي طرح ۽ سولائي سان ڪري سگهندو آهيان.

س: هينئر توهان جو اهڙو ڊرامو جيڪو هلندڙ هجي؟

ج: جي ها هينئر منهنجو ڊرامو چوواٽو هلي رهيو آهي جنهن ۾ منهنجو ڪردار ڪم ڪار ۾ مصروف رهڻ وارو آهي ۽ مان ان ڊرامي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف رهندو آهيان.

س: توهان جي ڪا پسنديده شخصيت؟

ج: مصطفيٰ قريشي، نور محمد لاشاري، سائين رضوي صاحب.

س: توهان جون مصروفيتون؟

ج: پهريان مان سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽي ۾ هئس ۽ هن وقت مان ڪرمنالاجي جي شعبي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ آهيان.

س: توهان ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا جيڪو نوجوانن ۽ توهان جي پرستارن لاءِ هجي؟

ج: منهنجو اهو ئي پيغام آهي ته پهرين ڳالهه ته جنهن ڪم کي وٺو انهيءَ کي منزل تائين پهچايو ۽ ٻيو ته محبت ڪريو پاڻ ۾ ۽ پنهنجي دوستن جو پنهنجي گهروارن جو خيال رکو ۽ جيترو به ٿي سگهي پاڻ ۾ برداشت رکو برد باري ۽ حوصله افزائي مان ڪم وٺو، جذبات، ڪاوڙ، غلط بياني کان پاسو ڪريو.*